Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

دِل جي حالت تبديل ٿي وئي

فيصل آباد (پنجاب، پاڪستان) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاء جي بيان جو خُلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان بگڙيل ڪردار جو مالڪ هئس۔ ڪوڙ، غيبت، چغلي، بدنگاهي جهڙا گُنَاھ منهنجي معمول جو حِصو هئا، مان مارشل آرٽ سکيو هو، جنهن جي ڪري هروڀرو ماڻهن سان جھيڙو، هر نئين فيشن کي اپنائڻ منهنجو شوق هو، افسوس! نمازن کان ايتري قدر دوري هئي جو مون کي اها به خبر نه هئي ته ڪهڙي نماز ۾ ڪيتريون رڪعتون هونديون آهن. آخر رحمت جو در کليو ۽ منهنجي قسمت هيئن چمڪي جو منهنجي ملاقات پنهنجي هڪ دوست سان ٿي جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هو، ان مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني، دوست جي ڳالھ ٽاري نه سگھيس ۽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس۔ مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي زندگي جي مقصد جي خبر پئي، پنهنجي گناهن تي شرمندگي ٿي، منهنجي اکين تان غفلت جو پردو هٽي ويو، دِل جي حالت تبديل ٿي وئي، مون گناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ زندگي گذارڻ لڳس۔ ([1])

دل کی کالک دُھلے مرضِ عصیاں ٹَلے                 آؤ سب چل پڑیں قافلےِ میں چلو

کر سفر آئیں گے، تو سُدھر جائیں گے                  اب نہ سستی کریں، قافلے میں چلو([2])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...رسائل مدنی بہار، صفحہ:74۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:669-672۔