Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

آزادي کان بعد بني اسرائيل جون حالتون

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ بني اسرائيل کي فرعون کان، فرعون جي ظلم و ستم کان آزادي عطا فرمائي، هاڻي انهن کي کپي ها ته اهي الله پاڪ جي ان نعمت جو شڪر ادا ڪن ها، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جھڪي وڃن ها، الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪن ها، الله پاڪ جا اَحڪام دل ۽ جان سان تسليم ڪن ها، پر بني اسرائيل ناشڪري ڪئي۔

* جڏهن فِرعَون غرق ٿيو، بني اسرائيل ان کي غرق ٿيندي پاڻ ڏٺو هو، الله پاڪ دريا ۾ 12 رستا ٺاهيا هئا، دريا جو پاڻي دِيوارن جيان بيهي رهيو هو، وچ ۾ رستا بڻجي ويا هئا، بني اسرائيل انهن رستن مان گذري آرام سان دريا پار ڪري رهيا هئا، فرعون به انهن جي پويان دريا ۾ داخِل ٿيو، هوڏانهن بني اسرائيل دريا جي ٻي ڪناري وٽان ٻاهر نڪتا، هوڏانهن دريا جو پاڻي پاڻ ۾ ملي ويو ۽ فرعون پنهنجي لشڪر سميت غرق ٿي ويو،([1]) اهو عبرتناڪ منظر ۽ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو عظيمُ الشَّان معجزو بني اسرائيل پنهنجي اکين سان ڏٺو هو پر هتان کان ٿورو اڳتي وڌيا، ڏٺائون: هڪ قوم آهي جيڪا ڪوڙن خُدائن جي پوڄا ۾ مصروف آهي، شِرڪ ڪري رهي آهي، اهو ڏسي بني اسرائيل چوڻ لڳا:

یٰمُوْسَى اجْعَلْ لَّنَاۤ اِلٰهًا كَمَا لَهُمْ اٰلِهَةٌؕ-  (پاره9،سورۃالاعراف:138)         

ترجمو ڪنزالايمان:  اي موسيٰ اسان کي به هڪڙو خدا ٺاهي ڏي جيئن انهن جي واسطي ايترا خدا آهن.

الله اَڪبَر! هينئر هڪ ڪافِر جو اَنجام ڏسي اچي رهيا آهن ۽ جرئت ڏسو ته


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ، زیرِ آیت:50، جلد:1، صفحہ:378، خلاصۃً۔