Book Name:Azadi Kisay Kehtay Hain

حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قرآن ۽ سُنَّت جي روشني ۾ جواب ڏئي ڪافِرن جي سازش کي ناڪام بڻايو۔([1])

هڪ پاسي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلم جا دريا وهائي مسلمانن جو اِيمان بچائي رهيا هئا ۽ ٻي پاسي پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نعتون لکي، شاعِري جي صُورت ۾ شانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان ڪري مسلمانن جي دِل ۾ عشقِ رسول کي گرمائي رهيا هئا، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا خليفا، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُرِيد، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا چاهيندڙ ٻيا علماءِ اَهلسنت اعليٰ حضرت جي تعليمات کي بَرِّصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلائي رهيا هئا، خطيب حضرات منبرن تي، محفلن ۾ ان تعليمات کي عام ڪري رهيا هئا، نعت خوان حضرات اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون لکيل نعتون پڙھي مسلمانن جي عشقِ رسول کي گرمائي رهيا هئا۔

ٻه قومي نظريو  ۽ ان جي وضاحت

ڊسمبر 1928 ۾ ڊاڪٽر اقبال هڪ ڪانفرس دوران ٻه قومي نظريو بيان ڪيو،([2]) پوءِ 1930 ۾ اِلٰه آباد جي ڪانفرس ۾ باقاعده طور تي عوام اڳيان ڊاڪٽر اقبال ٻه قومي نظريي جو اعلان ڪيو۔

اهو ٻه قومي نظريو ڊاڪٽر اقبال جي پنهنجي سوچ ۽ فِڪر نه هئي، اَصل ۾ ٻه قومي نظريو قرآن ۽ حديث جي تعليم آهي، اٺاويهين سيپاري ۾ سورت آهي: سوره مُمتَحِنَه۔ هن سُورت سڳوري کي پڙھو، سمجھو، ٻه قومي نظريو جيڪو پيش ڪيو ويو، ان جي ڀرپُور وضاحت سوره مُمتَحِنَه ۾ موجود آهي۔ تحريڪ آزادي جي عرصي ۾ سڀ کان پهريان سيدي اعليٰ حضرت امامِ


 

 



[1]...تحریکِ پاکستان میں علماء کرام کا کردار، صفحہ:106۔

[2]...تحریکِ پاکستان میں علماءِ کرام کا کردار، صفحہ:203۔