Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

دُنيا ”امام محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي۔

سکونِ دِل وجاں، امامِ غزالی!                             اے تسکینِ ایماں، امامِ غزالی!

ولایت میں اعلیٰ، امامت میں بالا                          تُو سلطانِ عرفاں، امامِ غزالی!

نالي جي چونڊ ڪيئن ڪجي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان شيخ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حڪايت ٻُڌي، هن حڪايت کي سامهون رکي پنهنجي مُعَاشري جو جائزو وٺو۔ اسان وٽ عجيب ماحول آهي، عام طور ٻارن جا منفرد (Unique) نالا رکڻ جي خواهش هوندي آهي، خاندان ۾، اوڙي پاڙي ۾ ڪنهن جو اهڙو نالو نه ٻُڌو هجي، اهڙو نالو رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔ جڏهن ته منفرد (Unique) نالو رکڻ جي ڪا فضيلت ناهي، قرآن وحديث ۾ ڪٿي به منفرد (Unique) نالو رکڻ جي ترغيب ناهي ڏني وئي۔ اسلام ۾ نالي جي چونڊ ٻن (2) بنيادن تي ڪرڻ جي ترغيب آهي: (1):اَوَّل؛ نالي جي معنيٰ سٺي هجي، الله جا آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  بُرن نالن کي پسند ڪونه ڪندا هئا، سندن عادتِ ڪريمه هئي ته  بُري معنيٰ وارو نالو ٻڌندا هئا ته ان کي تبديل ڪري ڇڏيندا هئا، هڪ حديث شريف ۾ ارشاد فرمايائون: انسان پنهنجي ٻار کي سڀ کان پهريون تحفو نالي جو ڏيندو آهي، تنهنڪري ان جو نالو سٺو رکڻ گھرجي۔ (جَمْعُ الْجَوَامِع، جلد:3، صفحہ:285، حدیث:8875) (2): پوءِ نالي جي معنيٰ چڱي هئڻ سان گڏوگڏ ان ۾ انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام سان، صحابه ڪرام ۽ اولياءِ عظام سان نسبت به هئڻ بهتر آهي۔ الله جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نالي ۾ نسبت جو اهتمام ڪندا هئا، حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ الله عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن صبح جي وقت رسولِ ذيشان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچي فرمايو: الله ڪريم مون کي پُٽ عطا فرمايو آهي، مون ان جو نالو پنهنجي ڏاڏي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي نسبت سان ابراهيم رکيو آهي۔

(مسلم، کتاب الفضائل، صفحہ:909، حدیث:2315)

نالو مبارڪ ”محمد“ رکڻ جي حديثن ۾ وڏي فضيلت آهي۔ ٻه 2 فرمانِ