Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

کام وہ لے لیجئے، تم کو جو راضِی کرے              ٹھیک ہو نامِ رضا، تم پہ کروڑوں درود([1])

 امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف

امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنجين صدي جو مشهور ۽ وڏي مرتبي واري شخصيت آهن، سندن ولادت 450 هجري کي طابَرَان، ضلعي طُوس، صوبه خُرَاسان ۾ ٿي۔ (اِتِّحَافُ السَّادَه، المقدمۃ، جلد:1، صفحہ:9) پنهنجو، پنهنجي والد جو ۽ سندن ڏاڏي جو نالو محمد هو ۽ پرڏاڏي جو نالو احمد هو۔ امام غزالي جي پُٽ جو نالو امام حامِد غزالي هو، اهو به ماهر عالِمِ دين هو، ان جي نسبت سان پاڻ پنهنجي ڪنيت ابو حامِد رکيائون۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالمِ دين هئا، علمِ فقه، علمِ ڪلام، فلسفي ۽ تصوف ۾ ڪامِل مهارت رکندا هئا، سندن علمي شان وشوڪت ۽ وجاهت کي ڏسي ان وقت جي وزيرِاعظم نِظَامُ المَلِڪ کين زَينُ الدِّين (يعني دين جي زينت) ۽ شَرفُ المِلَّة (يعني اُمَّت جي عزت) جو لقب ڏنو هو۔ سندن هڪ لقب اِمَامُ البَحر (يعني علم وفن جو امام) هو، سندن استاد امام الحرمين، امام جُوَينيرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: اَلغَزَالِي بَحْرٌ مُغَدَّقٌ يعني غزالي عِلم جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهي۔ (طبقات شافعیہ کبری، پانچواں طبقہ، جلد:5، صفحہ:171) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فتاوي رضويه شريف ۾ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ”حڪيم الاُمّت“ جي لقب سان ياد ڪيو آهي۔ (فتاوی رضویہ، جلد:4، صفحہ:528) امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسلام تي اعتراض ڪرڻ وارن بدمذهبن ۽ ڪافِرن کي پنهنجي مضبوط دليلن سان چپ ڪرائي ڇڏيندا هئا، ان ڪري پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حُجَّةُ الاِسلَام (يعني اسلام جو دليل) به چوندا آهن۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي کوڙ حديث سڳوريون ياد هيون پر عِلمِ حديث باقاعِده ڪنهن استاد کان نه پڙهيو هو، آخري عُمر ۾ ان جو شوق ٿيو، توڙي جو ان وقت سندن علميت جي شهرت دُنيا ۾ عام هئي، وڏا وڏا عالم پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان فيض وٺي رهيا هئا پر اڃان سندن عِلم سکڻ جو شوق گھٽ نه ٿيو هو، پاڻ باقاعِده استاد وٽ علمِ حديث سکڻ شروع ڪيائون ۽ سکندي سکندي


 

 



[1]   حدائق بخشش، صفحہ:271۔