Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فتاويٰ رضويه ۾ سندن هڪ لقب ”حڪيم الامت“ بيان ڪيو آهي، حڪيم الامت جي معنيٰ آهي: امت جي مسئلن کي سمجهي انهن جو حل تلاش ڪرڻ وارو. امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دور ۾ مسلمانن جي علمي و عملي حالت ڪمزور ٿي رهي هئي، باطل نظريات رکڻ وارا، بدمذهب اسلام جي عقيدن تي حملو ڪري رهيا هئا، اسلام جي بنيادي نظريات و عقائد کي بدلڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون، ماڻهو عمل ۾ سستي جو شڪار ٿي رهيا هئا، باطني امراض عام ٿي رهيا هئا، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بروقت امّت جي نبض (يعني رڳ) تي هٿ رکيو، پيش ايندڙ مسئلن جي جانچ ڪئي، انهن جو حل ڪڍيو ۽ امت جي علمي و عملي تربيت جي لاءِ سالن جا سال ڪم ڪيو، ان ڪري سندن کي حڪيم الامت چون ٿا. اچو! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پاڪيزه سيرت ۽ بحيثيت حڪيم الامت پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪارنامن بابت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا.

 امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والد جو قابل تقليد  عمل

پنجين صدي هجري جي ڳالھ آهي، ايران جي پُراڻي تاريخي صوبي خراسان، ضلعي طُوس ۾ الله پاڪ جو هڪ نيڪ ٻانهو رهندو هو، ان جو پنهنجو نالو به محمد هو، سندن والِد جو نالو به محمد هو ۽ ان جي ڏاڏي جو نالو اَحمَد هو۔ نهايت متقي پرهيزگار هو، محنت ڪري، پنهنجي هٿ سان ڪمائيندو هو ۽ صِرف حلال کائيندو هو۔ اُون مان ڌاڳو ٺاهڻ ۽ ان جو واپار ڪرڻ سندن پيشو هو۔ ڌاڳي کي عربي ۾ ”غَزلٌ“ چون ٿا، انهيء نسبت سان ماڻهو ان خاندان کي غزالي چوڻ لڳا۔ شيخ محمد بن محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عالمن سڳورن سان بيحد محبت هئي، اڪثر عاشقِ رسول عالمن جي خدمت ۾ حاضِر ٿيندو هو، انهن سان سهڻو سلوڪ ڪندي جيترو ٿي سگھندو هو عالمن جي مالي خدمت به ڪندو هو۔ شيخ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پٽ جي خواهش هئي، سندن معمول هو ته عالمن جي خدمت ۾ حاضِر ٿي عاجزي ۽ انڪساري سان، روئي روئي الله ڪريم جي بارگاھ ۾ دُعا ڪندو هو: الٰهي! مون کي پُٽ عطا ڪر ۽ ان کي عالِم