Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

اللهِ عَلَيۡه خانقاھ بڻائي، مدرسو تعمير ڪيو، امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه محافِل سجائيندا هئا، درس ڏيندا هئا، بيان ڪندا هئا، ماڻهن کي آخرت جي ياد ڏياريندا هئا ۽ قرآن وحديث تي عمل جي دعوت ڏيندا هئا۔

 (فیضانِ امام غزالی، صفحہ:65،بتغیر قلیل)

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي تعليمات جو خلاصو

اچو! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪتاب ”مِنهاجُ الْعَابِدِين“ جي روشني ۾ اِصلاح بابت ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: ”مِنهاجُ العَابِدِين“ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو آخري ڪتاب آهي، هن ڪتاب جو بنيادي نڪتو سُورَۃالذّٰرِيٰت جي آيت:56 آهي، الله پاڪ ارشاد فرمايو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)  (پاره27،سورۃالذاريات:56)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ مان جن انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منهنجي بندگي ڪن.

هن آيت تي عمل ڪندي اسان عِبَادت گذار ڪيئن بڻجنداسين؟ ان جي لاءِ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 14 شيون بيان ڪيون آهن، اهي 14 شيون موجود هجن تڏهن ئي هڪ ٻانهو واقعي عبادت گذار بڻجي سگھي ٿو۔

انهن ۾ پهرين شيء آهي؛ عِلم: عِبَادت گذار اهو ئي بڻجي سگھي ٿو جنهن وٽ عِلم هجي، جنهن کي خبر ئي ناهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون عِبَادت آهن، ڪهڙيون ڪهڙيون شيون عِبَادت نه آهن، اهو عِبَادت گذار ڪيئن بڻجي سگھندو؟ جنهن نه نماز سکي آهي، نه قرآن سکيو آهي، نه روزن جا احڪام سکيا آهن، هو اهو ڪم ڪيئن ڪري سگھندو؟ پوءِ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون آهن جيڪي عِبَادت کي ضايع ڪري ڇڏينديون آهن، ڪهڙيون ڪهڙيون شيون آهن جيڪي عِبَادت کي گُنَاھ ۾ تبديل ڪنديون آهن، جيڪي شيون عِبَادت ناهن پر زِندگي گذارڻ جي لاءِ ضروري آهن انهن کي عِبَادت ۾ ڪيئن تبديل ڪرڻو آهي، انسان ڪاروبار ڪندو آهي، دڪان تي ويندو آهي، اسڪول ويندو آهي، بازار ويندو آهي، کاڌو کائيندو آهي، ڏينهن ۾ هزار ڪم ڪندو آهي، انهن