Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

مبلغِ دعوتِ اسلامي جو حڪمت ڀريو جملو

هڪ اسلامي ڀاءُ جيڪو امام مسجد به آهي، ان جو بيان آهي: پهريان مان دُنيا داري ۾ مَصرُوف هيس، مسجد ۽ ان سان لاڳاپيل ذميدارين سان وابسته ٿيڻ جو منهنجو ڪو ذِهن نه هو، نه اهڙي سوچ ڪڏهن آئي هئي، خوش قسمتي سان منهنجي وڏي ڀاءُ کي دعوتِ اسلامي جو دِيني ماحول ميسر آيو، ان گھر ۾ به نيڪي جي دعوت جو سلسلو شروع ڪيو ۽ تمام ڀائرن کي ديني ڪمن ۾ مصروف ڪري ڇڏيو پر منهنجو ذِهن اڃان به دُنياداري ئي ۾ ڦاٿل هو، هڪ ڏينهن ڀاءُ مون کي سمجھايو ته مون چئي ڏنو: اسان جا سڀئي ڀائر ته ديني ڪمن ۾ مَصرُوف آهن، گھر جو ڪو هڪ ڀاتي ته دُنيا جي لاءِ به هئڻ گھرجي، اهو ٻڌي منهنجي ڀاءُ وڏي تحمل سان حڪمت ڀريو جملو چيو جنهن منهنجي دِل تي اثر ڪيو، چيائين: ها! سڀئي جنّت جي راھ تي آهن، هڪ کي ته جهنمي به هئڻ گھرجي! مقصد اهو هو ته دِين جي راھ جنت ۾ وٺي وڃڻ واري آهي، سڀئي ديني ڪمن ۾ مَصرُوف آهن هڪ کي دُنيا داري ۾ مشغول رکڻ جو مطلب آهي ته اهو جنّت جي راھ تي نه هلي، بس اهو جملو ٻڌڻ هو جو منهنجو ذِهن بڻجي ويو، هاڻي الحمد لله مان عطاري (يعني اميرِ اهلسنت،باني دعوتِ اسلامي جو مُريد) به آهيان، امام مسجد به آهيان ۽ توفيق آهر دين جي خدمت ۾ به مَصرُوف آهيان۔

 

عطائے حبیبِ خدا دینی  ماحول                               ہے فیضانِ غوث ورضا دینی ماحول

سنور جائے گی آخرت ان شآء اللہ                           تم اپنائے رکھو سدا دینی ماحول

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بغداد اچڻ

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي عرصي تائين ايران جي شهر نيشاپور ۾ امام الحرمين امام جُوَيني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضِر رهيا ۽ ان کان ديني عِلم سکندا رهيا، جڏهن امام الحرمين رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو ته پاڻ نيشاپور