Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

مان عبادت ڪري سگھان ها؟ هر گز نه۔ ڪيترا اهڙا شخص آهن جيڪي مسجد جو رُخ نٿا ڪن، الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاھ ۾ حاضِري جو شرف عطا فرمايو ته ان ۾ منهنجو ڪو ڪمال ناهي بلڪه اها سڀ الله پاڪ جي توفيق، ان جو احسان، ان جو فضل ۽ ڪرم آهي۔

جڏهن ٻانهو ان تمام وادين کي پار ڪري وٺندو آهي ته هاڻي شڪر جو مرحلو ايندو آهي ته ٻانهو الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري، ان جي حمد ادا ڪري ڇوته ناشڪري ٻانهي کي تباھ وبرباد ڪندي آهي۔ ڇا بلعم بن باعوراء کي نه ڏٺو، ڪيڏو وڏو عبادت گذار هو، ڪيڏو وڏو عالم هو، زمين تي ويهي لوحِ محفوظ جي تحرير پڙھي وٺندو هو، ان جون دُعائون قبول ٿينديون هيون پر هو ناشڪرو ٿيو، ان کي ناشڪري جي سزا ملي، ان جو خاتمو بُرو ٿيو، ان جو ايمان کسجي ويو، ڪافِر ٿي مئو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ جهنّم جو ٻارڻ بڻجي ويو۔ ته اي جنت جا طلب گارؤ...!! عِبَادت به ڪريو، نيڪ عمل به ڪريو! سٺا انسان به بڻجو پر شڪر ڪرڻ ڪڏهن نه وساريو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ بنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

امين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: نيڪ عمل

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي پُرفتن دور ۾ امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فيضان خوب عام ڪيو آهي، اميراهلسنت امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان وڏي محبت ڪن ٿا، پاڻ سندن ڪتابن کي پڙھن ٿا، انهن تي عمل ڪن ٿا ۽ ٻين کي انهن تي عمل جي ترغيب به ڏيارين ٿا۔ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي خواهش تي ئي دعوتِ اسلامي جي علمي وتحقيقي شعبي المدينة العلميه (اسلامڪ ريسرچ سنٽر) امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو ڪيو ۽ مڪتبة المدينه انهن کي شايع ڪيو آهي، اوهان به امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ڪتاب مثال طور ”احياء العلوم“، ”مڪاشفة القلوب“، ”منهاج العابدين“ وغيره مڪتبة