Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

کي خير آباد چئي بغداد تشريف وٺي آيا۔ بغداد ان وقت عِلم جو مرڪز هو ۽ سَلجُوق سلطنت جو دارالحڪومت به هو، ان وقت جو وزيراعظم نِظَامُ المَلِڪ علم دوست ۽ نيڪ طبيعت انسان هو، ان ڪري اڪثر طور درٻارِ ۾ عالمن جو اجتماع رهندو هو، عالم سڳورا اتي علمي مذاڪرو ڪندا هئا، شَرعِي مسئلن جو حل ڳوليندا هئا،  ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي تي عالمن جو اختلاف به ٿي ٿي پوندو هو ته حق واضح ڪرڻ جي لاءِ مهذب انداز ۾ مناظري جو به اهتمام ڪيو ويندو هو۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن شاهي درٻار ۾ تشريف فرما ٿيا ته وزيراعظم جي موجودگي ۾ ڪيئي عالمن سان سندن علمي مذاڪرو ٿيو، وزيرِ اعظم سندن علمي ڪمال ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو، پوءِ وزير اعظم امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بغداد جي مشهور اسلامڪ يونيورسٽي جامعه نظاميه ۾ شيخ الجامعه (يعني وائِس چانسلَر) جو عهدو پيش ڪيو۔ ان وقت امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر اٽڪل 34 سال هئي۔

4 سال تائين امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جامعه نظاميه ۾ دَرس ۽ تَدرِيس ڪندا رهيا، ان وقت تائين سندن علمي شان و شوڪت جو چرچو پري پري تائين ڦهلجي چڪو هو، ملڪ جا وڏا وڏا عالم، وزير، مشير سندن درس ۾ حاضِر ٿيندا هئا ۽ علمي اڃ وسائيندا هئا۔

(فیضان امام غزالی، صفحہ:15-22، ملتقطاً)

 

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گوشه نشيني

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي الله ڪريم جو وڏو اِحسان هو، الله پاڪ شروع ئي کان پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عِلم جو شوق، تلاشِ حق جي جستجو ۽ الله جو قرب حاصِل ڪرڻ جو شوق عطا ڪيو هو۔ بغداد اچي امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي شهرت نصيب ٿي، علم جي دُنيا ۾ وڏو مقام مليو پر دل اڃان تائين بيتاب هئي، نيٺ پاڻ ڪتابن جو وڌيڪ مطالعو شروع ڪيائون، آخر جڏهن تصوف جا ڪتاب پڙھيائون ته دِل دُنيا کان بيزار ٿي وئي، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خبر پئي ته الله پاڪ جو قُرب مقام و مرتبي ۽ شهرت ۾ نه آهي، بلڪ دُنيا کان پاسو ڪري دِل جي