Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

ئي دُنيا مان لاڏاڻو ڪيائون۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  55 سال دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا۔ پاڻ 14جُمادَي الاُخريٰ، 505 هجري جو انتقال فرمايائون. (سِیَرُ اَعْلَامِ النُّبَلَاء، جلد:14، صفحہ:332) وفات وقت حديث پاڪ جو مشهور ڪتاب بخاري شريف سندن سيني تي هو۔ (اَلْمُنْتَظَم، جلد:17، صفحہ:127) علامه اِبنِ جَوزِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه صبح جو بيدار ٿي وُضو ڪيو، فجر نماز ادا ڪري پوءِ ڪفن گھرايائون، اکين تي ڪفن لڳائي چيائون: منهنجي رَبّ جو حڪم اکين تي، ايترو چئي چهرو قبلي ڏانهن ڪري پير ڊگھاڙيائون۔ ماڻهن ڏٺو ته رُوح مُبَارَڪ پرواز ڪري چڪو هو۔ سندن مزار مُبَارَڪ طُوس، ضلعي خراسان جي ”مقابرِ غزالي“ نالي قبرستان ۾ آهي۔ (اَلثِّبَات عِنْدَ الْمَمَات، صفحہ:178)

 

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُجَدِّد آهن

حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ الله پاڪ هن اُمّت جي لاءِ هر صدي ۾ هڪ مجدد موڪليندو رهندو، جيڪو دِين جي تجديد ڪندو۔ (ابو داؤد، کتاب ملاحم، صفحہ:674، حدیث:4291) عالم سڳورا فرمائن ٿا: امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنجين صدي هجري جا مجدد آهن۔ (اِتِّحَافُ السَّادَه، جلد:1، صفحہ:36)

تُو عالم، تُو فاضِل، تُو عابِد، تُو زاہِد                           مجددِ ذیشاں، امامِ غزالی!

هڪ جملي قسمت بدلي ڇڏي

امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ 15 سال هئي، ته   سندن والِدِ محترم دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو۔ پوءِ گھريلو مُعَاشِي حالات خراب ٿيڻ لڳا، ان جي باوُجُود امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مدرسي جو رُخ ڪيو ۽ عِلمِ دين سکڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويا۔ ابتدائي تعليم پاڻ پنهنجي علائقي طُوس ۾ پنهنجي والد جي دوست امام احمد بن محمد رَاذڪاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽان حاصِل ڪئي، پوءِ جُرجان جو سفر ڪري اتي امام ابو نصر اسماعيلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽان عِلم حاصِل ڪيائون، پوءِ نيشاپور ويا ۽ ڪيئي سال امام الحرمين امام جُوَينِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان