Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

کي نماز جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويو ۽ هاڻي پنج وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙهي مُبارَڪ به سجائي ورتي ۽ مَدَني انعامات جو رِسالو به ڀريندا  آهن۔

مَدنی انعامات کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی

یاالٰہی! خُوب برسا رحمتوں کی تُوجھڑی ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

 

”قناعت“ سُنَّتِ مصطفٰي آهي:

ٻه 2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): جنهن ايمان آندو، ڪفايت مطابق رزق ڏنو ويو ۽ ان الله پاڪ جي ڏني تي قناعت ڪئي بيشڪ هو ڪامياب ٿيو. (مسلم، زکوٰۃ کی کتاب، قناعت کا باب، صفحہ:376، حدیث:1054) (2): اي ابوهريره! قناعت اختيار ڪيو سڀ کان وڏا شڪر گذار بڻجي ويندؤ۔

 (ابن ماجہ، زُہد کی کتاب، ورع و تقویٰ کا باب،صفحہ:684، حدیث:4217ملتقطًا)

اي عاشقانِ رسول! قَناعت سُنّتِ مصطفيٰ آهي۔ قناعت جي معنيٰ آهي: جيترو مليو ان تي راضِي رهڻ، وڌيڪ جي خواهش نه ڪرڻ۔ * اسان جي پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جيڪو ملندو هو خوشي سان کائي وٺندا هئا * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به کاڌي ۾ عيب نه ڪڍيو * پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به لذيذ ۽ پُرتڪلف کاڌن جي خواهش نه ڪئي۔ * رسولِ اَڪرَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مال و دولت جي خواهش نه رکندا هئا۔