Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

يعني انسان کي رُتبو هميشه قرباني ڏئي ڪري ئي ملندو آهي، جيڪو الله ڪريم جي معرفت، ان جي قرب جو طلب گار هجي، ان کي پاڻ کي وسارڻو ئي پوندو، تڏهن ئي اهو مرتبو نصيب ٿيندو.

 

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪامِل مرشِد جي بارگاهه ۾

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بلند رُتبه عالمِ دين هئا، جڏهن پاڻ طريقت واري راھ تي قدم رکيائون ته ان باري ۾ خوب غور وفڪر ڪيائون، سندن خبر هئي ته اها راھ وڏي دُشوار آهي، تنهنڪري ڪامِل مرشد جي رهنمائي جي بغير هن راھ تي هلڻ ۽ ڪاميابي حاصِل ڪرڻ ممڪن ناهي، پوءِ پاڻ شيخ ابوعلي فَارۡمَذِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا، پنهنجي تمام علميت، مقام ۽ مرتبو وغيره پوئتي ڇڏي خالي دِل ٿي ڪامِل مرشد جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ مصروف ٿي ويا۔ علاَّمه تاج الدين سُبڪي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شيخ فَارمَذِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي جن ورد وظيفن، عبادتن، رياضتن ۽ مجاهدي جو حڪم ڏيندا هئا، پاڻ استقامت سان ان تي عمل ڪندا هئا، ايستائين جو الله پاڪ سندن کي مقصُود تائين پهچائي ڇڏيو۔ (سِیَرُ اَعْلَامِ النُّبَلَاء، جلد:14، صفحہ:321ملخصًا)

اي عاشقانِ اولياء! اي امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا چاهڻ وارؤ! غور ڪريو! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙي ماهر عالِمِ دين کي به طريقت جي راھ ۾ ڪاميابي جي لاءِ پير جي ضرورت آهي ته اسان کي ڪيتري ضرورت هوندي؟ الله ڪريم سيپاري 6، سوره مائده، آيت: 35 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ  (پاره6،سورۃالمائدۃ:35)

ترجموڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو

 

حڪيم الامت مُفسِّر قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت تحت فرمائن ٿا: هر شيء جي تلاش جي لاءِ دروازا جدا آهن، هر سودي جي جستجو