Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

جي لاءِ بازار دڪانون جدا آهن، انهن شين جي تلاش ۾ انهن دروازن، انهن دڪانن، بازارن ۾ وڃڻو پوندو آهي، الله پاڪ کي ڳوليو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دروازي تي ۽ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڳوليو حضراتِ اولياء الله جي دروازن تي۔ (تفسیر نعیمی، پارہ:6،سورۂ مائدہ، تحت الآیۃ:35، جلد:6، صفحہ:402ملخصًا) مزيد فرمائن ٿا: هن آيت ۾ تقويٰ کان پوءِ وسيلي جي تلاش جو حڪم ڏئي ٻڌايو ويو ته ڪو متقي تقويٰ جي ڪنهن به درجي تي پهچي ڪري وسيلي کان بي نياز نٿو ٿي سگھي، تنهنڪري ڪو متقي مسلمان اهو نه سمجھي ته مان ته متقي ٿي ويو آهيان هاڻي مون کي الله تَعَاليٰ تائين پهچڻ جي لاءِ ڪنهن وسيلي جي ضرورت ناهي، جيئن هر مومن اَعمَال ۽ تقويٰ جو حاجت مند آهي اهڙي طرح هر متقي وسيلي جو محتاج آهي۔

(تفسیر نعیمی، پارہ:6، سورۂ مائدہ، تحت الآیۃ:35، جلد:6، صفحہ:394ملتقطًا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا تجديدي ڪارناما

ڪم وبيش 11 سال تائين امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه گوشه نشين رهيا ۽ الله پاڪ جي عبادت ۽ رياضت ڪندا رهيا۔ ان دوران کوڙ فتنا عام ٿي ويا، انهن فتنن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن ماهر عالِم جي ضرورت هئي، ان ڪري وقت جي بادشاھ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خط لکيا ۽ درخواست ڪئي ته خلوت نشيني ڇڏي بغداد تشريف آڻيو ۽ اُمّت کي فتنن مان نجات ڏياريو۔ بادشاھ جي هر هر درخواست تي امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪجهه صُوفي سڳورن کان مشورو ڪيو، سڀني اهو ئي چيو ته هاڻي گوشه نشيني جو وقت ناهي، هاڻي انهن فتنن جو مقابلو ڪري اُمّت کي ڀٽڪڻ کان بچائڻ جو وقت آهي، بعض صُوفياءِ ڪرام کي خواب ۾ غيبي اشارا به مليا ۽ چيو ويو ته هاڻي گوشه نشيني ڇڏي ڏيڻ ضروري آهي۔ پوءِ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻيهر دَرس وتدريس جي مسند تي تشريف فرما ٿيا ۽ فتنن جي روڪٿام ۾ مَصرُوف ٿي ويا۔