Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

بڻاءِ۔“ جڏهن دِيني اجتماعن ۾ حاضِر ٿيندو هو، يا عالمن جا بيان ٻڌندو هو، دِل جي خواهش ويتر وڌي ويندي هئي، دُعا جي لاءِ هٿ کڻي بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪندو هو: ”ياالله! مون کي پُٽ عطا ڪر ۽ ان کي دَرس ۽ بيان ڪرڻ وارو بڻاء۔“ (طبقاتِ شافعیۃ کبری، جلد:5، صفحہ:194)

سُبْحٰنَ الله! شيخ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پٽ ملڻ جي ڪهڙي پياري دعا ڪئي، عام طور ماڻهن کي پُٽ جي خواهش ٿيندي آهي، ان جي لاءِ دُعائون به گھريون وينديون آهن، باسون باسيون وينديون آهن، صدقا به ڏنا ويندا آهن، روحاني علاج به ڪرائيندا آهن، دوائون (Medicine) به استعمال ڪيون وينديون آهن، ان ۾ ڪو حرج به ناهي، انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام به پُٽ جي خواهش ڪئي پر بهتر اهو آهي ته رڳو پُٽ جي نه بلڪ ”نيڪ پُٽ“ جي دُعا ڪئي وڃي۔ ٻيهر غور ڪريو! اسان وٽ عام طور پُٽ جي خواهش ڇو ڪئي ويندي آهي؟ نسل وڌائڻ جي لاءِ، نالو اڳتي هلائڻ جي لاءِ، گھر آهي، بنگلو آهي، جائيداد آهي، منصب آهي، ان جو وارِث کپي، ان ڪري پُٽ جي خواهش ڪئي ويندي آهي پر الله جي نيڪ ٻانهن جو طريقو ڏسو! پُٽ کپي پر نسل وڌائڻ جي لاءِ نه، نالو روشن ڪرڻ لاءِ نه، جائيداد جو وارث بنائڻ جي لاءِ نه بلڪ ان ڪري گھرجي ته پُٽ عِلمِ دين سکي، مبلغ بڻجي، سنتون اپنائي، دِين جي خدمت ڪري ۽ والدين جي لاءِ صدقه جاريه بڻجي۔ الله پاڪ اسان کي به نيڪن جي صدقي نيڪ خواهشات جي توفيق ڏي، دُنيا جي بدران هر معاملي ۾ آخرت جي سوچ عطا ڪري۔

ته شيخ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روئي روئي دُعائون ڪندو هو، الله پاڪ کان نيڪ، عالِمِ دين، درس وبيان ڪرڻ وارو پُٽ گھرندو هو، الله پاڪ سندن دُعا قبول فرمائي ۽ ان کي هونهار، همت وارو، نيڪ سيرت پُٽ عطا فرمايو، مَاشَآءَالله! عشقِ رسول ڏسو! شيخ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پنهنجو نالو به محمد آهي، سندن والِد جو نالو به محمد آهي ۽ الله پاڪ ان کي پُٽ عطا فرمايو، ان جو به نالو ان محمد ئي رکيو۔ سندن اهو شهزادو وڏو ٿي ماهر عالِم، ولي ڪامِل بڻيو۔ ان کي