Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

ٻه مدني گُل :  

۱) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

۲) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس ، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُ الله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام ، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بروزِ قِيامت اُمّت بابت فڪر جو انداز    

     حضور نبي ڪريم ، رَؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا : قيامت جي ڏينهن تمام انبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام سون جي منبرن تي جلوه گر هوندا ، منهنجو منبر خالي هوندو ، ڇوته مان پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ خاموش بيٺل هوندس ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو الله پاڪ مون کي جنَّت ۾ وڃڻ جو حڪم فرمائي ۽ منهنجي اُمّت مون کان پوءِ پريشان ڦرندي وتي۔ الله پاڪ فرمائيندو : اي محبوب! تنهنجي اُمّت جي باري ۾ اهو ئي فيصلو ڪندس جيڪا تنهنجي چاهت آهي۔ مان عرض ڪندس : اَللّٰھُمَّ عَجِّلْ حِسَابَھُمْ يعني اي الله! انهن جو حساب جلدي وٺجان ڇوته مان انهن کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي وڃڻ چاهيان ٿو۔ مان اهو لاڳيتو عرض ڪندو رهندس ايستائين جو مون کي دوزخ ۾ وڃڻ واري منهنجي اُمّتين