Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

هن حديث پاڪ جي شَرح ۾ مفتي احمد يار خان رَحْمَۃُ اللّٰه عَلَيه فرمائن ٿا : يعني ٻين نبين جي اُمّت جي مُقابلي ۾ منهنجي اُمّت تي الله پاڪ جي رَحمت تمام گھڻي آهي جو ان جون نيڪيون گھٽ ، پر ثواب گھڻو آهي ، ان جي گناهن جي مُعافي جا سبب گھڻا آهن ، اُمّت کي بچائڻ جا بهانا تمام گھڻا آهن ، اهو رَحمت واري آقا جو صَدقو آهي۔ ([1])

آپ ہم سے بڑھ کے ہم پر مہرباں        ہم کریں جُرم آپ رَحمت کیجیے([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هاڻي منهنجون اکيون ٿڌيون ۽ دِل خوش ٿيو

رَحمت واري آقا ، بَرڪت واري داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ظاهري وفات جي وقت حضرت سيدُنا جبرائيلِ امين عَلَيۡهِ السَّلام کي فرمايو : مون کان پوءِ منهنجي اُمّت جي لاءِ ڪير هوندو؟ ته الله پاڪ حضرتِ سيدُنا جبرائيلِ امين عَلَيۡهِ السَّلام ڏانهن وَحي فرمائي ته منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي خوشخبري ٻڌايو ته “ مان ان کي اُمّت جي سلسلي ۾ رُسوا نه ڪندس ۽ ان کي اها بشارت به ڏئي ڇڏيو ته جڏهن ماڻهن کي قبرن مان ٻاهر ڪڍيو ويندو ته سڀ کان پهريان منهنجو حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻاهر تشريف آڻيندو۔ جڏهن ماڻهو گڏ ٿيندا ته منهنجو محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي اُنهن جو سردار ٿيندو ۽ جيستائين ان جي اُمّت جنَّت ۾ داخِل نه ٿي وڃي تمام اُمّتن تي جنَّت حرام رهندي۔ “ اهو ٻڌي اُمّت جي غم خوار ، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : هاڻي منهنجون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ منهنجي دِل خوش ٿي آهي۔ “ ([3])


 

 



[1]   مِراٰۃُ المناجیح ، ۷ / ۱۸۲۔  

[2]   حدائقِ بخشش ، ص ۱۹۸۔  

[3]   احیاء العلوم ، کتاب ذکر الموت وما بعدہ ، الباب الرابع فی وفاة رسول اللہ  صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم ، ۵ / ۲۱۷۔