Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

پيار ڪندو هو! حضرتِ سَيدُنا ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ دِينار  پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنت مِسواڪ تي قُربان ڪري ڇڏيو۔

اُمّت جو مشقت ۾پوڻ ناپسند

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌي رهيا هئاسين ته اسان جا آقا ، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمّت کان تمام گھڻي محبت فرمائڻ وارا آهن ۽ اسان جو مشقت ۾ پوڻ کين پسند ناهي ، اسان ڪا تڪليف نه ڏسون ۽ آساني ۾ رهون اهو کين پسند آهي۔ انهيء ڳالھ جو لحاظ رکندي اسان جي آقا محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي راتيون نمازِ تراويح صحابه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوان سان گڏ ادا ڪيون ، چوٿين ڏينهن نه آيا ۽ سبب بيان ڪيائون ته منهنجو نه اچڻ ان ڪري هو ڪٿي منهنجو روزانو تراويح پڙھڻ توهان تي هن نماز کي فرض نه ڪري ڇڏي ۽ توهان مشقت ۾ پئجي وڃو۔ ([1]) نماز جي وقت مسواڪ کي ان ڪري ڇڏي ڏنو جو ڪٿي منهنجي اُمّت تي هر نماز ۾ مسواڪ لازم نه ڪئي وڃي۔ عشاء نماز رات جو دير سان پڙهڻ کان ان ڪري منع فرمايو ته ڪٿي منهنجي اُمّت تي لازم نه ٿي وڃي ۽ اها مشقت ۾ نه پئجي وڃي۔ مسلسل بغير افطار جي روزا رکڻ کان منع فرمايو ته جيئن مشقت ۾ نه پئجي وڃو۔ اُمّت جي آساني ۽ تعليم جي لاءِ جڏهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٻن معاملات ۾ اختيار ڏنو ويندو هو ته ان ۾ آساني وارو معاملو اختيار ڪندا هئا ته جيئن اُمّت ان تي عمل ڪري ۽ مشقت ۾ نه پوي۔ ([2]) ۽ اُمّت تي شفقت ته ڏسو :

          حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا ته محبوبِ خدا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته منهنجو ۽ منهنجي اُمّت جو حال ان شخص جيان آهي جنهن باھ روشن ڪئي ، ماڪڙ ۽ پروانا ان ۾ ڪرڻ لڳا ته اهو شخص ان ماڪڙن ۽ پروانن کي باھ ۾ ڪرڻ کان بچائڻ جي لاءِ انهن کي هٽائي ٿو۔ منهنجي به


 

 



[1]   صحیح البخاری ، کتاب الجمعۃ ، باب من قال فی الخطبۃ بعد الثنائ : اما بعد ، الحدیث : ۹۲۴ ، ج۱ ، ص۳۱۸

[2]   صحیح البخاری ، کتاب الادب ، باب قول النبی : یسروا ولاتعسروا ، الحدیث : ۶۱۲۶ ، ج۴ ، ص۱۳۳۔