Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

جنھیں مر قد میں تا حشر اُ مّتی کہہ کر پکارو گے

ہمیں بھی یاد کر لو اُن میں صدقہ اپنی رَحمت کا[1]

اُمّتي اُمّتي مبارڪ چپن تي جاري رهيو

          مُحدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت علّامه مولانا سردار احمد قادِريرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا ته حُضُورِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته سڄي عمر اسان کي اُمّتي اُمّتي چئي ياد ڪندا رهيا ، قبر انور ۾ به اُمّتي اُمّتي فرمائي رهيا آهن ۽ حشر تائين فرمائيندا رهندا ايستائين جو محشر جي ڏينهن به اُمّتي اُمّتي فرمائيندا۔ حق اهو آهي ته جيڪڏهن صِرف هڪ ڀيري به اُمّتي فرمائن ها ۽ اسان سڄي زندگي يا نبي يا نبي ، يا رَسُولَ الله ، يا حَبِيبَ الله چوندا رهون تڏهن به اُن هڪ ڀيري اُمّتي چوڻ جو حق ادا نٿو ٿي سگھي۔ [2]

دنيا ۾ تشريف آڻيندي ئي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سجدو ڪيو۔ ان وقت سندن چپن تي اها دُعا جاري هئي : رَبِّ هبْ لِي اُمّتي يعني پروردگار!منهنجي اُمّت منهنجي حوالي ڪر۔ [3]

پہلے سجدے پہ روزِ ازَل سے درود

یادگاریٔ اُمّت پہ لاکھوں سلام

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دنيا ۾ تشريف آوري ۽ فڪرِ اُمّت

          پيارا اسلامي ڀائرو! ٻنهي جھانن جي تاجدار ، غريبن جي مددگارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



[1]   حکایتیں اور نصیحتیں ، ۲۵۵

[2]   عاشق اکبر ، ۵۳

[3]   فتاوٰی رضویہ ، ج۳۰ ، ص۷۱۷