Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع پڙهيا ويندڙ درود شريف

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّم وَبَارِک عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدِنِالنَّبِي الاُمِّي

الحَبِيبِ العَالِي القَدرِالعَظِيمِ الجَاہِ وَعَلٰي اٰلِہٖ وَصَحبِہٖ وَسَلِّم

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرا پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاهي رهيا آهن ، ([1])

(2) سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم

حضرتِ سيدُنا انس رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان ، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])

(3) رَحمت جا ستّر دروازا

صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد

جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([3])

(4) ڇھ لک دُرُودشريف جو ثواب

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدٍعَدَدَمَافِي عِلمِ اللّٰہِصَلَاة دَآئِمَة ۢبِدَوَامِ مُلکِ اللّٰہ

حضرت اَحمد صاوِي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([4])

(5) قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍکَمَا تُحِبُّ وَتَرضٰي لَہٗ

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُ جي وچ ۾ ويهاريو ، انهي سبب صَحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([5])

(6) دُرُودِ شَفاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنۡزِلۡہُ الۡمَقۡعَدَ الۡمُقَرَّبَ عِنۡدَکَ یَوۡمَ الۡقِیَامَة

شافِعِ اُمَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعَظَّم آهي جيڪو شخص هن درود شريف کي پڙهي ته ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي۔ ([6])

(1) هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَي اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَّا ھُوَ اَھلُہٗ

حضرتِ سيدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اللّٰهُ عَنهُما کان رِوايت آهي ته سرڪارِمدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو؛ انهي درود شريف کي پڙهڻ واري جي لاءَ ستر ملائڪ هڪ هزار ڏينهن تي نيڪيون لکندا



[1]   افضل الصلوات علی سید السادات ، الصلاۃ السادسۃ والخمسون ، ص151ملخصًا

[2]   افضل الصلوات علی سید السادات ، الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ ، ص 65

[3]   القول البدیع ، الباب الثانی ، ص277 ،

[4]   افضل الصلوات علی سید السادات ، الصلاۃ الثانیۃ والخمسون ، ص149

[5]   القول البدیع ، الباب الاول ، ص125

[6]   الترغیب والترہیب ، کتاب الذکر و الدعاء ، ۲ / ۳۲۹ ، حدیث : ۳۰