Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

دل عشقِ محمد میں تڑپتا رہے ہردم               سینے کو مدینہ مرے اللہ بنادے

دیتا ہوں تجھے واسطہ میں پیارے نبی کا                 اُمّت کا خدایا رہِ سنت پہ چلا دے

سنت جي محبت

          حافظِ ملّت حضرت علاّمه مولانا عبدالعزيز مبارڪ پوري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي هر عمل ۾ سنت جو گھڻو خيال رکندا هئا ، هڪ ڀيري سندن ساڄي پير ۾ زخم ٿي پيو ، هڪ شخص دوا وٺي آيو ۽ چيائين؛ حضرت! دوا حاضر آهي ، سياري جا ڏينهن هجن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي جوراب پاتل هئا ، پهريان کاٻي پير جو جوراب لاٿائون ، اهو شخص چوڻ لڳو؛ حضرت زخم ته ساڄي پير ۾ آهي! پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايائون؛ پهريان کاٻي پير مان لاهڻ سنت آهي.[1]

سنت تي عمل جو جذبو

          هڪ ڀيري حضرت سيدنا ابو بڪر شبلي بغدادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي وُضو جي وَقت مِسواڪ جي ضَرورت پئي ، ڳولا ڪيائون پر ڪانه ملي ، تنهنڪري هڪ دِينار (سوني سِڪي) ۾ مِسواڪ خريدي اِستِعمال ڪيائون۔ ڪن ماڻهن چيو : اهو ته اوهان تمام گھڻو خرچ ڪري ورتو! ڇا ايتري به مسواڪ مهانگي وٺبي آهي؟ فرمايائون : بيشڪ اها دنيا ۽ ان جون تمام شيون الله پاڪ جي ويجھو مڇر جي پر جي برابر به حيثيت نٿيون رکن ، جيڪڏهن بروزِ قِيامت الله پاڪ مون کان اهو پڇي ورتو ته تو منهنجي پياري حبيب جي سنّت مِسواڪ ڇو ڇڏي ڏني؟ جيڪو مال و دولت مون توکي ڏنو هو ، ان جي حقيقت ته مون وٽ مڇر جي پر برابر به نه هئي ، پوءِ تو آخر اهڙي حقير دولت هن عظيم سنّت مِسواڪ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇو خرچ نه ڪئي؟ ته مان ڇا جواب ڏيندس! [2]

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جو اَسلاف سُنتن کان ڪيتري قَدر


 

 



[1]   نیکی کی دعوت ، ص ۲۱۳

[2]   مُلَخَّص ازلواقح الانوارالقدسیۃ ، ص۸۳