Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

تقاضا ته اها آهي جو حرام کان محفوظ رهون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو وياج جي نُحُوسَت کان پنهنجي جان ڇڏايون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو رشوت جي ڏيتي ليتي کان پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکون ها۔ عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو غيبت و چغلي ۽ ڪوڙ جھڙي بري عمل کان رُڪڻ جي ڪوشش ڪيون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو مسلمانن کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ ظلم و ستم  ڪرڻ کان پاسو ڪيون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو والدين جي نافرماني ڪرڻ ڇڏي ڏيون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو سوشل ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان اکين کي حرام سان ڀرڻ کان بچون ها۔

   پر افسوس!! اسان جي عشقِ رسول جي دعويٰ لفظن ۾ ته آهي پر عمل سان ان جو اظهار ناهي ٿيندو ، اي ڪاش! اسان حقيقي معني ۾ عاشقِ رسول بڻجي وڃون ۽ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سُنتن کي اپنائڻ وارا بڻجي وڃون۔ اسان جا بُزُرگ سڳورا ته پياري آقا ، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري ادائن کي اپنائڻ جا اهڙا پابند هئا جو انهن جي ويجھو ڪنهن سنّت جو اڻ ڄاڻائي ۾ رهجي وڃڻ به ڪفَّاري لائق هو۔

سنت جا قَدردانَ

          ڪيمياءِ سعادت ۾ آهي ، هڪ بزرگ هڪ ڀيري سنّت جي مُطابِق سڌي جُتي پائڻ بدران بي خيالي ۾ کاٻي جُتي پهريان پائي ورتي۔ ان سنّت جي رهجي وڃڻ تي انهن کي سَخت صَدمو رسيو ۽ ان جي عِوَض انهن ڪڻڪ جون ٻه ٻوريون خيرات ڪيون۔

          اي عاشقانِ رسول! اهو الله وارن جو حصو هو۔ ڪاش! اسان کي به پنهنجي بزرگن جي طريقن تي هلڻ نصيب ٿي وڃي۔ [1]


 

 



[1]   فیضانِ سنّت ، ص ۴۶۲