Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

محبوبِ اعظم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي ڪرڻ جي لاءِ عام عطاء فرمائي ٿو۔ [1]

خدائے پاک کی چاہیں گے اگلے پچھلے خوشی                   خدائے پاک   خوشی  ان  کی   چاہتا   ہو  گا

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قِيامت تائين ’’اُمّتي اُمّتي‘‘ فرمائيندا      

       پيارا اسلامي ڀائرو! مدارجُ النبوت ۾ آهي : حضرت سَيدُنا قُثَمرَضِىَ اللهُ عَنْه اهو شخص هو ، جيڪو پياري آقا ، مديني واري مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي قبرِ انور ۾ لاهڻ کان پوءِ سڀ کان آخر ۾ قبرِ انور کان ٻاهر آيو هو ، سندن بيان آهي ته مان ئي آخري شخص هئس جنهن ٻنهي جھانن جي سردار ، بي بي آمنه جي لعل صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو روشن چهرو قبر اطهر ۾ ڏٺو هو۔ مون ڏٺو سلطانِ مدينه ، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ چپ قبر انور ۾ چُري رهيا هئا ، مون پنهنجي ڪنن کي الله جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ وات جي ويجھو ڪيو ته مون ٻڌو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا هئا؟ رَبِّ اُمّتي رَبِّ اُمّتي ، يا ربّ! منهنجي اُمّت ، منهنجي اُمّت۔ [2]

        هڪ ٻيو فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو : الله پاڪ جي آخري نبي ، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو : جڏهن منهنجي وفات ٿي ويندي ته مان پنهنجي قبر ۾ هميشه پڪاريندو رهندس : يا رَبِّ اُمّتي اُمّتي يعني اي منهنجا ربّ منهنجي اُمّت ، منهنجي اُمّت۔ ايستائين جو ٻيو صُور ڦوڪيو ويندو۔ [3]

        منهنجا آقا اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بارگاھ رِسَالَت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ ڇا خوب عَرض ڪن ٿا :


 

 



[1]    حکایتیں اور نصیحتیں ، ۲۵۵

[2]   مدارج النبوۃ ، ۲ / ۴۴۲

[3]   کنزالعمال ، کتاب القیامۃ ، الشفاعۃ ، الحدیث : ۳۹۱۰۸ ، ج۷ ، الجزء : ۱۴ ، ص۱۷۸ ، مدارج النبوۃ ، ج۲ ، ص۴۴۲