Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

کان ان جو سبب پڇيو ته پاڻ فرمايائون : ته مان ڊڄان ٿو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو قومِ عاد جيان اهو عذاب هجي جيڪو منهنجي اُمّت تي مسلط ڪيو ويو هجي۔ ([1])

رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اُمّت جي ايمان جو فڪر

اي عاشقان ميلاد! اُمّت جي والي ، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي اُمّت سان بي پناھ مَحبَّت آهي ۽ پنهنجي اُمّت کي جنت ۾ وٺي وڃڻ جا وڌيڪ حريص آهن۔ الله جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اسان گنهگارن جي ايمان جي سلامتي جو ڪيترو فڪر آهي ، ان جو اندازو هن واقعي مان لڳايو۔

هڪ ڀيري مديني جي تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻار ۾ شيطان مڪار شڪل تبديل ڪري هٿ ۾ پاڻي جي بوتل کڻي حاضر ٿي عرض ڪيو : مان ماڻهن کي سڪرات جي وَقت اها بوتل ايمان جي بدلي وڪرو ڪندو آهيان۔ اهو ٻڌي اُمّت جا غمخوار ، مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايترو رُنا جو اهلبيت ِاطهار به روئڻ لڳا۔ الله پاڪ وحي موڪلي ، اي منهنجا محبوب! اوهان غم نه ڪريو! مان سڪرات جي حالت ۾ پنهنجي ٻانهن کي شيطان جي مڪر کان بچائيندو آهيان۔ ([2])

ہر اُمّتی کی فکر میں آقا ہیں مُضطَرِب غمخوار والدین سے بڑھ کر حضور ہیں

رَحمت واري اُمّت

اي عاشقانِ رَسُول! رَسُولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمّت سان ڪيتري محبت فرمائن ٿا ، ٻڌو ۽ اِيمان تازو ڪريو : الله پاڪ جي آخري نبي ، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جن ارشاد فرمايو “ منهنجي اها اُمّت رَحمت واري آهي۔ “ ([3])


 

 



[1]   صحیح مسلم ، کتاب صلاۃ الاستسقاء ، باب التعوذ عند رؤیۃ الریح۔ ۔ الحدیث : ۸۹۹ ، ص۴۴۶۔

[2]   (روح البیان ج۱۰ ص۳۱۵ کوئٹہ)

[3]   ابو داود ، کتاب الفتن والملاحم ، باب ما یرجی فی القتل ، ۴ / ۱۴۲ ، حدیث : ۴۲۷۸۔