Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

و رحيم آهن ۽ آخرت ۾ به۔ [1]

خدا چاهتا ہے رضائے محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

حضرت سيدُنا عَمرو بن عاص رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا ته سرڪارِ مڪه مڪرمه ، سردارِ مدينه منوره صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدُنا ابراهيم عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي قول ۽ حضرت سيدُنا عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلام جي قول تي مشتمل آيت سڳورين جي تلاوت فرمائي ، جيئن : ترجمو ڪنز الايمان : اي منهنجا رب بيشڪ بتن گهڻن ماڻهن کي گمراھ ڪري ڇڏيو پوءِ  جنهن منهنجو ساٿ ڏنو اهو ته منهنجو آهي ۽ جنهن منهنجو چيو نه مڃيو ته پوءِ تون بيشڪ بخشڻهار مهربان آهين۔ [2]

۽ حضرت سيدُنا عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلام بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيو : ترجمو ڪنزالايمان : جيڪڏهن تون انهن کي عذاب ڏين ته اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن کين تون بخشي ڇڏين ته بيشڪ تون ئي آهين غالب حڪم وارو۔ [3]

پوءِ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ٻنهي هٿن کي مٿي کڻي فرمايو : اُمّتي اُمّتي يعني منهنجي اُمّت منهنجي اُمّت۔ اهو فرمائڻ هو جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا۔ ربِّ ڪريم حضرتِ جبريل کي فرمايو : اي جبريل! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ وڃو ۽ پڇيوس ته انهن کي ڪهڙي شيء روئاريو؟ جبريل امين حاضِرِ خدمت ٿيا ۽ سبب پڇيائون ته رحمتِ عالم ، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ، مان پنهنجي اُمّت جي غم  ۾ روئي رهيو آهيان۔ حالانڪ الله پاڪ خوب ڄاڻي ٿو۔ الله پاڪ ارشاد فرمايو : اي جبريل! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ وڃو ۽ چئوس : عنقريب اسان توهان کي توهان جي اُمّت جي باري ۾ راضي ڪنداسين ۽ ان معاملي ۾ ناراض نه ڪنداسين۔ [4]


 

 



[1]    تفسیر صراط الجنان ، ج٤ ، ص٢٧١ ، ملخصاً

[2]    پ۱۳ ، ابراھیم : ۳۶

[3]   پ۷ ، المائدہ : ۱۱۸

[4]    مسلم ، کتاب الایمان ، باب دعاء النبی لاُمّتہ وبکائہ شفقة علیھم ، ص۱۳۰ ، حدیث : ۲۰۲