Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

توهان ڪٿان آيا آهيو؟ اُنهن ڪنهن بُزرگ جو نالو ورتو۔ اهو بُزرگ اسان جي قريبي رشتيدارن مان هو ، مون ٻيهر انهن کان پڇيو : ان کان پوءِ توهان ڪٿي ويندؤ؟ ٻڌايائون : اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  مڪه معظمه ۽ رَوضهءِ نبوي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اِرادو آهي۔ مون چيو : مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلو۔ چيائون جيڪڏهن ارادو آهي ته الله پاڪ برڪت ڏيندو۔ مان اٿي بيٺس ۽ اهي مون کي وٺي هوا ۾ بجلي جيان تيزي سان اُڏامڻ لڳا ، گهڙي کن کان پوءِ اسان مڪي ۾ هئاسين۔ انهن چيو : هي آهي بَيتُ الحَرَام۔ اُنهن طَواف شروع ڪيو ته مون به انهن سان گڏ طَواف مڪمل ڪيو ، پوءِ اُنهن الله پاڪ جو نالو ورتو ۽ مون کي گڏ وٺي مسجدِ نَبَوِي ۾ آيا ، اڃان ويٺا ئي هئاسين جو هڪ خُوبصورت شخص هٿ ۾ هڪ وڏو ٿانءُ کڻي آيو جنهن  ۾ شوربو ۽ شوربي ۾ پسيل ماني ۽ ماکي هئي ، چيائين شُروع ڪيو۔ مون ان کي چيو : مان ته پنهنجي آقا ، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪرڻ چاهيان ٿو۔ ان چيو اڳ ۾ ماني کائي وٺو ، پيارا آقا احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به تشريف وٺي ايندا ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه توهان سندن زِيارت سان به پنهنجي اکين کي روشن ڪندؤ۔ مون دل ۾ چيو ، تَعَجُّب جهڙي ڳالھ آهي جو هيئنر پنهنجو گھر ڇڏيو آهي ۽ ڪجھ گھڙين ۾ مَڪه مُعظَّمه ۽ رَوضهءِ رسول جي حاضِري جو به شرف ماڻي ورتو آهي ، مون کي اها به خبر ناهي ته جن ماڻهن سان مون اهو فاصلو طئي ڪيو اهي ڪير آهن ۽ انهن جو نسب ڇا آهي؟ هاڻي مان انهن ڏانهن متوجھ ٿيس ۽ انهن کي چيو : مان توهان کي ربِّ غفور ۽ ان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ الله پاڪ جي نبي حضرت سَيدُنا داؤد عَلَيۡهِ السَّلام جو واسطو ڏيان ٿو ، مون کي اهو ٻڌايو ته توهان ڪٿي رهو ٿا ۽ توهان جو نسب ڇا آهي؟ اُنهن ڪنڌ جھڪائي ٻڌايو : اسان هميشه مَدينه مُنوَّره ۾ رهندڙ جنّ آهيون۔ مون چيو مان مديني جي والي محبوبِ عالي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار ڪرڻ چاهيان ٿو۔ چيائون ، کاڌو کائي وٺو ، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  ديدار به ٿي ويندو۔ مون ماني کاڌي۔ پوءِ اسان نڪتاسين ته ڇا ٿا ڏسون ته مديني جا تاجدار ٻنهي جھانن جا مالڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ جَماعت سان گڏ  تشريف وٺي اچي رهيا آهن۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ