Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳچي مُبارڪ سڀ کان بُلند ۽ شانهءِ اقدس جي لحاظ کان سڀ کان نمايان آهي ، منهنجي آقا ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظرِ مبارڪ جڏهن مون تي پئي ته فرمايائون : احمد! ڇا سڀئي نيڪيون هڪ ئي ڀيري ۾ سميٽڻ چاهيو ٿا؟ پنهنجي نفس تي نرمي ڪيو ، اهو به توهان تي لازِم آهي ، ان سان گڏ اهو به ارشاد فرمايائون : مون تي ڪثرت سان دُرُود پڙهو ، ان ۾ توهان لاءِ ڀلائي ئي ڀلائي آهي۔ مون عرض ڪيو : يا رسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا ضامن ٿي وڃو؟ فرمايائون : مون تي دُرُود پڙھڻ لازم ڪيو جيڪو گھرندؤ اهو ملندو. (سعادۃ الدارین ، الباب الرابع فیماورد من لطائف المرائی والحکایاتالخ ، اللطیفۃ السادسۃ عشرۃ ، ص ۱۳۱)

مانگ مَن مانْتی مُنہ مانگی مُرادیں  لے گا

نہ یہاں  ’’نا‘‘ہے نہ منگتے سے یہ کہنا’’کیا ہے ‘‘

(حدائقِ بخشش ، ص۱۷۱)

شعر جي مختصر وضاحت : منهنجي آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نوراني درٻار اهڙو درٻار آهي جو جتي جيڪو دل ۾ اچي اهو گھري وٺو ضرور ملندو جو ان درٻار ۾ سوالين کي انڪار ناهي ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڇڙٻيو ويندو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!            صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ :  “ نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير ، سهل بن الساعدي...الخ ج 6 ، ص 185 ، الحديث : 5942)