Book Name:Nekiyan Chupayye

کان ڀلو آهي ۽ ان ۾ توهان جا ڪجهه گناھ گهٽ ٿيندا ۽ الله کي توهان جي ڪمن جي خبر آهي.

نيڪين کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ ڪيئن ؟

اي عاشقانِ رسول! رياڪاري وغيره جي تباهڪاري کان بچڻ لاءِ نيڪين کي لڪائي رکڻ ضروري آهي پر نيڪين کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ جي هرگز اجازت ناهي. مثلاً حج، نفل روزو، نفل نماز، حفظِ قرآن، عالم هئڻ، يا سيد هئڻ جي متعلق ڪو پڇي ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي هرگز اجازت ناهي.

نيڪين جي اظهار جون جائز صورتون

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين کي جيترو ٿي سگهي لڪائي رکڻ ئي ۾ عافيت آهي پر ڪجھ صورتن ۾ سٺي نيت سان ان جي اظهار جي به اجازت آهي، مثلاً اهڙو شخص جيڪو ماڻهن جو پيشوا هجي، ماڻهو ان سان عقيدت ۽ محبت رکندا هجن ۽ نيڪ اعمال ۾ ان جي پيروي ڪندا هجن ته اهڙي شخص جو ماڻهن جي ترغيب جي نيت سان پنهنجي عمل کي ظاهر ڪرڻ نه صرف جائز آهي بلڪ افضل آهي.

حضرت عبدالله ابن عُمررَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا کان روايت آهي ته نبي ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: پوشيده عبادت اعلانيه عبادت کان افضل آهي ۽ جنهن جي ماڻهو پيروي ڪندا هجن ان جي اعلانيه عبادت پوشيده عبادت کان افضل آهي. (شعبُ الایمان ،باب  فی السرور  بالحسنة والاغتمام بالسیئة ،۵/۷۶ ۳ ،حدیث:۷۰۱۲) پنهنجي ذات کان تهمت دور ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بدگماني کان بچائڻ لاءِ به پنهنجي عمل کي ظاهر ڪرڻ جي اجازت آهي. جيئن تفسيرِ روح البيان ۾ آهي ته جيڪڏهن نيڪ عمل فرائض مان هجن ته فرائض جي حق مان اهو آهي ته ان جو اعلان ۽