Share this link via
Personality Websites!
حضرت داؤد طائي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مسلسل چاليھ (40) سال تائين روزا رکندا رهيا پر پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اخلاص جو اهو عالم هو جو پنهنجي گهر وارن کي به خبر نه پوڻ ڏني. اهو هن طرح جو ڪم تي ويندي منجهند جو کاڌو ساڻ کڻي ويندا هئا ۽ رستي ۾ ڪنهن کي ڏئي ڇڏيندا ها، مغرب کانپوءِ گهر اچي کاڌو کائيندا هئا. (تاریخِ بغداد ، داود بن نصیر ،۸/۳۴۶)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي نيڪ عملن، روزن ۽ صدقو ۽ خيرات کي پوشيده رکڻ جي متعلق حضرت عيسيٰ روح الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو ارشاد آهي: جڏهن توهان مان ڪنهن هڪ کي روزو هجي ته اهو پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهي ۾ تيل لڳائي ۽ چپن تي به هٿ ڦيري ته جيئن ماڻهن کي معلوم نه ٿئي ته اهو روزيدار آهي ۽ جڏهن ساڄي هٿان ڏئي ته کاٻي هٿ کي خبر نه پوي ۽ جڏهن نماز پڙهي ته پنهنجي دروازي تي پردو وجهي ڇڏي. (احیاءُ العلوم،کتاب ذم الجاہ والریاء ،الشطر الثانی...الخ ، بیان ذم الریاء ،۳/۳۶۱)
مِرا ہر عمل بس تِرے واسطے ہو کر اِخلاص ایسا عطا یا الٰہی
رِیا کاریوں سے سیاہ کاریوں سے بچا یا الٰہی بچا یا الٰہی
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان ته نيڪين کي جيڪو لڪائي سگهندو هجي، ان کي لڪائڻ گهرجي ڇوته پُوشيده عمل افضل آهي. پوشيده عمل، اعلانيه عمل کان ستر ڀيرا وڌيڪ فضيلت رکندو آهي. تنهائي ۾ لڪي نفل پڙهڻ ماڻهن جي سامهون پڙهڻ کان افضل آهي. تنهائي ۾ لڪي ڪري 2 رڪعت نفل پڙهڻ واري جي لاءِ جهنم کان آزادي لکي ويندي آهي. پوشيده عمل الله پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪندو آهي، پوشيده عمل تڪبر کان بچائيندو آهي، پوشيده عمل حب جاھ(يعني پنهنجي عزت پسند ڪرڻ) کان بچائيندو آهي، پوشيده عمل رياڪاري جي تباڪاري کان بچائيندو آهي، پوشيده عمل گناهن جي بخشش ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami