Book Name:Nekiyan Chupayye

ڪار پاڻ پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪندا هئا.

    اها به خبر پئي ته اميرالمؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هن ڳالهه کي بلڪل پسند نه ڪندا هئا جو ڪو ٻيو انهن جي عمل کي ڏسي سندن تعريف ڪري، تڏهن ته رات جي اونداهيءَ ۾ لڪي ڪري ان نابينا پوڙهي جي گهر جا ڪم ڪار ڪري وٺندا هئا.

عطا کردے اخلاص کی مجھ کو نعمت                                        نہ نزدیک آئے ریا یاالٰہی

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                                                   صَـلَّى الـلّٰـهُ عَـلٰى مُـحَـمَّد

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها شهرت کي پسند نه ڪندا هئا جڏهن ته اسان مان هڪ تعداد آهي جيڪا اهڙو انداز اختيار ڪندي آهي جو ان جي شهرت ٿئي، ان جي مشهوري ٿئي، جڏهن ته الله وارا پنهنجين عبادتن ۽ نيڪ عملن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جيئن

شهرت کان پوءِ مان زنده رهڻ نٿو چاهيان

حضرت علامه يافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نقل ڪن ٿا ته: هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه هي دعا گهرندا هئا ته ”ياالله! مون کي پنهنجي فضل و ڪرم سان خوب نوار پر مون کي ماڻهن ۾ مشهور نه ڪر جيئن ماڻهو مون کي نه سڃاڻن“ هڪ رات پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نماز ۾ گريه و زاري فرمائي رهيا هئا ته ڪجهه ماڻهن ڏٺو ته انهن جي مٿي تي هڪ نوراني قنديل(فانوس) روشن آهي جنهن جي روشني اکين کي حيران ڪري رهي آهي. صبح پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاهه ۾ رات واري ڪرامت جو ذڪر ڪيو ويو ته اهي بي چين ٿي ويا ته ماڻهن تي انهن جي عبادت ڇو ظاهر ٿي وئي؟ يڪدم پنهنجا مبارڪ  هٿ بارگاههِ الاهي ۾ کنيا ۽ عرض ڪيائين:” اي منهنجا رازدار پروردگار! منهنجو راز ته ظاهر ٿي چڪو، هاڻي مان هن شهرت کان پوءِ زندهه نٿو رهڻ چاهيان.“ اهو چوندي پنهنجو مٿو سجدي ۾ رکي ورتو. ماڻهن هِلائي ڏٺو ته هو انتقال ڪري چڪو هو.