Book Name:Nekiyan Chupayye

ٿي وڃن جڏهن ته گناهن کي انڪري لڪايو ويندو آهي جو اهي پهريان ئي کان الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب هوندا آهن ۽ انهن کي ظاهر ڪرڻ جرئت ۽ دليري آهي تنهنڪري ان جو اظهار هرگز نه ڪيو وڃي. فتاويٰ شامي ۾ آهي: اِظْهَارُ الْمَعْصِيَةِ مَعْصِيَةٌ يعني گناھ جو اظهار به گناھ آهي. (رد المحتار ،کتاب الصلاة ،مطلب اذا اَسلم المرتد ،۲/۶۵۰) رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشادِ پاڪ آهي: منهنجي هر امتي کي معاف ڪيو ويندو سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي گناهن کي ظاهر ڪن ٿا ۽ گناهه ظاهر ڪرڻ جي اها صورت آهي ته ڪوئي مرد رات جو ڪو(گناھ جو) ڪم ڪري، پوءِ صبح ٿئي ته الله پاڪ ان جو پردو رکيو هجي،  پوءِ اهو ڪنهن کي ٻڌائي ته اي فلاڻا! مون گذريل رات هن هن طرح ڪيو آهي حالانڪ ان هن حال ۾ رات گذاري هئي جو ان جي ربّ ڪريم ان جو پردو رکيو هو ۽ صبح جو اهو الله پاڪ جي رکيل پردي کي کولي ڇڏي.

(بخاری،کتاب الادب ، باب ستر المؤمن علی نفسهٖ ،۴/۱۱۸،حدیث:۶۰۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  12  مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”علاقائي دورو“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هر نيڪ ڪم ۾ اخلاص جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي عبادتن کي لڪائڻ جو مدني ذهن بنائڻ جي لاءِ اڄ ئي عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽  ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم علاقائي دورو به آهي، هن مدني ڪم جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور ”علاقائي دوري“ جي برڪت سان مسجد آباد رهندي آهي، ”علاقائي دوري“  جي برڪت سان علائقي ۾ خوب مدني ڪم وڌندو آهي،