Book Name:Nekiyan Chupayye

تشهير ڪئي وڃي. رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجو فرمانِ عظيم آهي: الله پاڪ جي فرضن کي لڪائڻ نه گهرجي. (النھایه ، باب الغین  مع المیم،۳/۳۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! انسان کي گهرجي ته ان جي اندر جيڪا به خوبي هجي يا ان کي ڪو به نيڪ عمل ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿئي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري جو ان اها خوبي ۽ نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آهي. پوءِ عمل ڪري وٺڻ کان بعد خوف جي ڪيفيت طاري هئڻ گهرجي جو خبر ناهي ان جو اهو عمل بارگاھِ اِلاهي ۾ مقبول به آهي يا نه؟ جڏهن عمل جي قبوليت جو علم ئي ناهي ته ان عمل جي باري ۾ ماڻهن کي ٻڌائڻ ۽ ڏَسڻ جو ڇا فائيدو؟  ها! جيڪڏهن اهو نيڪ عمل بارگاھِ الاهي ۾ مقبول آهي ته ان جي جزا ڏيڻ وارو پالڻهار ان کي خوب ڄاڻي ٿو تنهنڪري پنهنجي واتان پنهنجي خوبين ۽ نيڪين جو اظهار ڪري پنهنجي جانين کي سٿرو نه ٻڌايو وڃي. ڇوته قرآنِ ڪريم ۾ ان جي ممانعت بيان ڪئي وئي آهي. سيپاري 27 سورة النجم جي آيت نمبر 32 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَلَا تُزَكُّوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقٰى۠(۳۲)

ترجمو: پوءِ توهان پنهنجي پاڻ واکاڻ نه ڪيو اهو خوب ڄاڻي ٿو جيڪي پرهيزگار آهن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نيڪيون ظاهر ڪرڻ جا نقصان

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ پنهنجي نيڪين کي