Book Name:Nekiyan Chupayye

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”نيڪيون لڪايو“ هن بيان ۾ نيڪيون لڪائڻ جي متعلق آيتِ قرآني ۽ احاديث مبارڪه، نيڪيون لڪائڻ جي حوالي سان بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِم اَجمَعين جي سوچ، نيڪيون لڪائڻ جا فضائل، نيڪيون لڪائڻ جي حوالي سان بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِم اَجمَعين جا اقوال ۽ واقعا ۽ ٻيا ڪيئي اهم نڪتا هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين. اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ آمين

صديقِ اڪبر  رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو  لڪيل عمل  

اميرالمؤمنين حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ رات جي وقت مديني شريف جي ڪنهن علائقي ۾ رهڻ واري هڪ نابينا پوڙهي عورت جا گهريلو ڪم ڪار ڪندا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ان پوڙهي جي لاءِ پاڻي ڀري ايندا هئا ۽ ان جا سڀئي ڪم ڪندا هئا. معمول مطابق هڪ ڏينهن پوڙهي جي گهر آيا ته اهو ڏسي حيران ٿي ويا جو سڀئي ڪم ان کان پهريان ئي ڪو ڪري ويو هو. بهرحال ٻئي ڏينهن ٿورو جلدي آيا تڏهن به اها ئي صورت حال هئي جو سڀ ڪم پهريان ئي ٿي چڪا هئا. جڏهن ٻه ٽي ڏينهن ائين ٿيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي بيقراري ٿي ته اهڙو ڪير آهي جيڪو مون کان نيڪين ۾ وڌي وڃي ٿو؟ هڪ ڏينهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڏينهن جو ئي اچي ڪري ڪٿي لڪي ويهي رهيا جڏهن رات ٿي ته ڏٺائون ته وقت جا خليفا اميرالمؤمنين حضرت ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ تشريف کڻي آيا ۽ ان نابينا پوڙهي جي گهر جا سمورا ڪم ڪري ورتا. اميرالمؤمنين حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ تمام گهڻا حيران ٿيا ته وقت جا خليفا هئڻ جي باوجود اهڙي انڪساري! ارشاد فرمايائون: حضرت ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ئي ته آهن جيڪي مون کان نيڪين ۾ وڌي ويندا آهن. (کنزالعمال، کتاب الفضائل،باب فضائل الصحابة،فضل الصدیق...الخ ،الجزء:۱۲، ۶/۲۲۱، حدیث:۳۵۶۰۲)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان اميرالمؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ وقت جا خليفا هئڻ جي باوجود ان نابينا پوڙهي جي گهر جا ڪم