Book Name:Nekiyan Chupayye

نيڪ ٻانهن جا واقعا، اصلاح جو بهترين طريقو، نيڪين جي اظهار جون جائز صورتون، مخلص هئڻ جون علامتون ڪهڙيون آهن؟ ۽ تمام گهڻي معلومات لکيل آهي.

خوب مخلص بنوں،میں ریا سے بچوں           ہو نگاہِ کرم ، تاجدارِ حرم

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۲۴۹)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 بيانات ايپليڪيشن جو تعارف

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي صحبت جو هڪ بهترين ذريعو عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ به آهي۔ الله ڪريم امتِ محمديه کي هردور ۾ اهڙيون باڪمال هستيون عطا فرمايون جن نه صرف پاڻ نيڪي جو حڪم ۽ برائي کان منع ڪرڻ جو مقدس فريضو احسن انداز ۾ ادا ڪيو بلڪ مسلمانن کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ جو ذهن ڏنو. انهن مان هڪ هستي شيخ طريقت، اميرِ اهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  به آهن، کين جي اخلاص جي بدولت وڏي تيزي سان ماڻهو هن مدني تحريڪ جو حصو بڻجندا پيا وڃن. اَلْحَمْدُ لِلّٰه ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو اميراهلسنت جي فيضان سان فيضاب ٿئي رهيا آهن. اميراهلسنت جي نيڪي جي دعوت جي انهيءَ مقدس جذبي جي تحت دعوتِ اسلامي جي مجلسِ ”آئي ٽي“ موبائل استعمال ڪرڻ وارن لاءِ مختلف موبائل ايپليڪيشن بڻايون آهن جن ۾ مختلف طريقن سان امتِ مسلمه جي رهنمائي ڪئي وئي آهي، هن ايپليڪيشنز ۾ بيانات جي هڪ ايپليڪيشن”Islamic Speeches“ به آهي. هن ايپليڪيشن ۾ مختلف موضاعات تي بيانات موجود آهن. هن ايپليڪيشن مان اسلامي ڀائرن سان گڏوگڏ اسلامي ڀينرون به فائدو وٺي سگهن ٿيون. خاص طور تي هي