Book Name:Nekiyan Chupayye

(روض الرياحين، الحڪاية الخمسون بعد الثلاث مئة، ص.  288)

نيڪيون لڪائڻ جو نرالو انداز

حضرت ابو الحسن محمد بن اسلم طُوسي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجون نيڪيون لڪائڻ جو تمام گھڻو خيال فرمائيندا هئا، ايستائين جو هڪ ڀيري فرمائڻ لڳا؛ جيڪڏهن منهنجو وس هلي ته عمل لکڻ وارن ٻنهي ملائڪن کان به لڪي عبادت ڪريان! حضرت ابو عبدُالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه چون ٿا؛ آئون ويهه سالن کان وڌيڪ عرصو حضرت ابو الحسن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي صحبت ۾ رهيس پر جُمعةُ المبارڪ (۽ ٻين فرضن ۽ واجبن) کان علاوه ڪڏهن سندن کي ٻه رڪعتون نفل پڙهندي به نه ڏسي سگهيس۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پاڻي جو ٿانو کڻي پنهنجي خاص ڪمري ۾ تشريف کڻي ويندا هئا ۽ اندران دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا۔ مان ڪڏهن به معلوم نه ڪري سگهيس ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪمري ۾ ڇا ٿا ڪن، ايستائين جو هڪ ڏينهن سندن ننڍڙو زور سان روئڻ لڳو۔ ۽ ان جي ماءُ کيس چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، مون پڇيو؛ هي ننڍڙو آخر هيترو ڇو روئي رهيو آهي؟ بيبي صاحبه فرمايو؛ هن جا والد يعني حضرت ابوالحسن طوسي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ قرآن جي تلاوت ڪندا آهن ۽ روئندا آهن ته اِهو به انهن جو آواز ٻڌي روئڻ لڳندو آهي! شيخ ابو عبدالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ حضرت سيِّدُنا ابوالحسن طُوسي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه (ڏيکاءُ جي تباھ ڪارين کان بچڻ جي لاءِ) نيڪيون لڪائڻ جي ايتريقدر ڪوشش فرمائيندا هئا جو پنهنجي ان ڪمري مان عبادت ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ کان پهريان پنهنجو منهن ڌوئي اکين ۾ سرمو لڳائيندا هئا ته جيئن منهن ۽ اکيون ڏسي ڪنهن کي اهو اندازو نه ٿئي ته هي رنا هئا!

(حلية الاولیاء، محمد بن اسلم،۹/۲۵۴،رقم:۱۳۸۰۳)

آدابِ تلاوت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو تلاوتِ قرآن ڪندي يا ٻڌندي روئڻ اسان جي بزرگانِ دين جو طريقو بلڪ سنتِ مصطفٰي آهي. حضورڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ