Book Name:Nekiyan Chupayye

کي محافظ ملائڪ به نه ٻڌي سگهن، ان ذڪر تي جنهن کي اهي ٻڌي سگهن، 70 درجا وڌيڪ فضيلت رکي ٿو. (کنز العمال،کتاب الاذکار،باب الاول فی الذکر وفضیلتہ، ۱/۲۲۷، جز:۱،حدیث:۱۹۲۵۔رسالہ نیکیاں چھپاؤ،ص۱۲)

ڪاش! اسان پنهنجا نفل روزا، نفل نماز، نفل حج ۽ عمرو، صدقو ۽ خيرات، ديني خدمتون ماڻهن کي ٻڌائڻ کان بچون. تهجد، اشراق ۽ چاشت ۽ اوابين وغيره نفلن کي جيترو ٿي سگهي ماڻهن کان لڪايون. نفلي نمازون لڪي ڪري پڙهڻ جي عادت بڻايون. اچو مان توهان کي فضيلت ٻڌايان ٿو، جيئن

جهنم کان آزادي جو سبب

اميراهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  فيضانِ نماز جي صفحي79 تي لکن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمارشاد فرمايو: جيڪو تنهائي ۾ ٻه رڪعتون نماز پڙهي هن طرح جو الله پاڪ ۽ ان جي ملائڪن کانسواءِ ڪوبه نه ڏسي ان جي لاءِ جهنم کان آزادي لکي ويندي آهي. (کنزالعمال، کتاب الصلاۃ،باب الاول فی  فضل الصلوۃ ، ۴  / ۱۲۵، جز:۷، حدیث: ۱۹۰۱۵)

وڌيڪ 4 فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو ۽ سمجهو. جيئن ته

(1) فرمايائون: انسان جو اهڙي جڳھ نفل پڙهڻ جتي ماڻهو ان کي نه ڏسندا هجن، ماڻهن جي سامهون ادا ڪيون ويندڙ 25 نمازن جي برابر آهي. (کنزالعمال،کتاب الاخلاق،باب الاخلاص ،۲/۱۲،جز:۳، حدیث:۵۲۶۳)

(2) فرمايائون: پوشيده (يعني لڪائي ڏنو ويندڙ) صدقو رب تعاليٰ جي غضب کي ٿڌو ڪندو آهي. (معجم کبیر، ۸/۲۶۱،حدیث:۸۰۱۴)

(3) فرمايائون: پوشيده (يعني لڪي ڪيو ويندڙ) عمل اعلانيه عمل کان 70 ڀيرا افضل آهي. (فردوس الاخبار،۳/۱۲۹حدیث:۴۳۴۸)

(4) فرمايائون: پوشيده (يعني لڪي ڪيو ويندڙ) عمل اعلانيه عمل کان افضل