Book Name:Nekiyan Chupayye

تنهنڪري اوهان به هن مدني ماحول سان وابسته ٿئي مدني ڪمن ۾ خوب اڳتي وڌي حصو وٺو. اچو! ترغيب لاءِ ”علاقائي دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نيڪيون لڪائڻ جو جذبو  پيدا ڪرڻ جا ڪجھ طريقا

(1) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ سچي دل سان بارگاھ الٰهي ۾ ٻاڏائي دعا گھرو، ڇوته دعا جي برڪت سان بگڙيل ڪم  سنورجي ويندا آهن۔ (2) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ نيڪيون لڪائڻ جي فضيلتن جو مطالعو ڪريو۔ (3) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي سيرت جي اخلاص سان ڀرپور ايمان افروز واقعن کي هر هر پڙھو۔ (4) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ اخلاص سان عمل ڪرڻ وارن کي ملندڙ نعمتن کي تصور ۾ آڻيو۔ (5) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ رياڪاري جي تباھ ڪارين کي هر هر پڙھو۔ (6) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ مدني چينل تي نشر (Telecast) ٿيندڙ مختلف پروگرام ڏسڻ يا ٻڌڻ جي عادت بڻايو۔ (7) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ پابندي سان شرڪت ڪريو۔ (8) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول سان گڏ هر مهيني ٽن ڏينهن جي قافلي ۾ سفر ڪريو۔ (9) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ مدني انعامات جو رسالو ڀري هر اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذمه دار کي جمع ڪرائڻ جو معمول بڻايو۔ (10) نيڪيون لڪائڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي صحبت اختيار ڪريو۔

نیکیاں چھپاو “ مڪتبة المدينہ جو هڪ نهايت ئي پيارو رسالو آهي جنهن ۾ نيڪيون لڪائڻ جي باري ۾ آياتِ ڪريمه، احاديثِ مبارڪه، الله ڪريم جي