Book Name:Nekiyan Chupayye

فخريه طور بيان ڪرڻ کان منع ڪيو آهي، جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪندا آهن اهي (1) تڪبر ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا. (2) جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪن ٿا، اهي حب جاھ جي آفت ۾ گرفتار ٿي سگهن ٿا. (3) جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪن ٿا اهي خودپسندي جي نحوست ۾ پئجي سگهن ٿا. (4) نيڪيون ظاهر ڪرڻ سان نيڪيون لڪائڻ جي ثواب کان محرومي ٿي سگهي ٿي. پڻ (5) جيڪي پنهنجون نيڪيون ظاهر ڪن ٿا اهي رياڪاري جي تباهه ڪاري ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا.

رياڪاريءَ جون تباه ڪاريون

ياد رکو! (1) رياڪاري ڪبيره گناھ، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. (2) رياڪاري الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي ناراضگيءَ جو سبب آهي. (3) رياڪاري سان اعمال برباد ٿي ويندا آهن. (4) رياڪارن کي قيامت جي ڏينهن حسرت ٿيندي. (5) رياڪاري وارو عمل الله پاڪ جي بارگاھ ۾ قبول ناهي ٿيندو. (6) رياڪار کي رسوائي جو عذاب ڏنو ويندو. (7) رياڪار تي جنت حرام آهي. (8) رياڪار جنت جي خوشبو کان محروم رهندو. (9) رياڪار تي لعنت ڪئي وئي آهي. (10) رياڪار جو آخرت ۾ ڪو حصو ناهي. الله پاڪ اسان کي رياڪاري جي آفت کان محفوظ فرمائي.

رِیا کاریوں سے سیاہ کاریوں سے                                                                     بچا یا الٰہی بچا یا الٰہی

(آدابِ طعام، ص۲۲۸)

گناهن کي به لڪايو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين کي لڪائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي، جڏهن ته گناهن کي لڪائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نيڪين کي ته انڪري لڪايو ويندو آهي ته جيئن اهي تڪبر ۽ رياڪاري وغيره جي سبب ضايع نه