Book Name:Nekiyan Chupayye

پوي انسان جنهن حالت تي سمهندو آهي اُن تي ئي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي اُن تي ئي قيامت جي ڏينهن اٿندو۔ (ايضا) ٭ جاڳڻ کان پوءِ هي دعا پڙهو؛ اَلْحَمْدُ لِلّٰه الَّذِيۤ اَحْيانَا بَعْدَ مَآ اَمَا تَنَا وَاِلَيه النُّشُوْرُ۔ (بخاري،۴/۱۹۶،حديث: ۶۳۲۵) ترجمو؛ سڀ تعريفون الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي۔ ٭ انهي وقت پڪو ارادو ڪري ته پرهيز گاري ۽ تقويٰ اختيار ڪندو، ڪنهن کي به نه ستائيندو۔ (فتاويٰ هندية،۵/۳۷۶)، ٭ جڏهن ڇوڪري يا ڇوڪرِيءَ جي ڄمار ڏهه سال ٿئي ته انهن کي الڳ الڳ سمهارڻ گھرجي بلڪ ان ڄمار جو ڇوڪرو ايڏي وڏي (يعني پاڻ جيڏن) ڇوڪرن يا (پاڻ کان وڏن) مردن سان گڏ نه سمهي۔ (درمختار و رد المحتار ج 9 ص 629)   

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پروردگار

سُنّتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار

(وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۶۳۵)

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!       ايندڙ هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ ايمان جي سلامتي  جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته قرآن و حديث ۾ ايمان تي ثابت قدم رهڻ جي ڪيتري قدر تاڪيد بيان ڪئي وئي آهي، هڪ مسلمان