Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

اَٽڪڻ ۽ الجهڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واري جي دِل جوئي جي لاءِ پست آواز سان جواب ڏيندَس ٭ اجتماع کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔ دورانِ بيان موبائل جي غير ضروري استعمال کان بچندَس، نه بيان ريڪارڊ ڪندس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جي آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي، جيڪو ٻڌندَس، ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ ٻين تائين پهچائي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مُحَرَّمُ الحَرام جو بابرڪت مهينو جاري ۽ ساري آهي، هن مُبارَڪ مهيني کي شهيدانِ ڪربلا ۽ خاص ڪري اِمامِ عالي مَقام، سَيدُنا اِمامِ حُسين، شهزادهءِ ڪونين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان هڪ خاص نسبت  حاصل آهي، انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان ۾ اسان امامِ عالي مقام، امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري، صدقي ۽ خيرات، فضيلت ۽ مناقب، شان ۽ عظمت، آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سندن سان محبت ۽ خاص ڪري (Specially) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادت جو ذوق  ۽ شوق، عبادت جا واقعا پڻ ٻڌنداسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان چڱين چڱين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي، اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

امامِ حسين سان محبت جو اجر

      حضرت سَيدنا علامه عبدُالرَّحمٰن ابنِ جوزيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري عَمرو بن ليث جي سامهون ان جي تمام فوج کي گڏ ڪيو ويو، عَمرو بن ليث جڏهن پنهنجي فوج جي اها ڪثرت ڏٺي ته روئي پيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ