Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

      اميرُالْمُؤمِنِين،خَلِيفَة الْمُسْلِمِينحضرت سَيدُناعمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: جيڪو الله ڪريم جي لاءِ عاجزي اختيارڪندو، الله پاڪ اُن کي بلندي عطا فرمائيندو، پوءِ هو پاڻ کي ڪمزور سمجھندو پر ماڻهن جي نگاهن ۾ اهو عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبُّر ڪري، الله ڪريم اُن کي ذليل ڪندو پوءِ اهو ماڻهن جي نگاهن ۾ ننڍو پر پاڻ کي وڏو سمجھندو هوندو ايستائين اهو ماڻهن جي ويجھو خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔ (مصنف ابن ابي شيبة،ڪتاب الزهد ،باب ڪلام عمر بن الخطاب، ۱۹/۱۴۴، حديث : ۳۵۶۰۲ ملتقطا)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرونبيان کي ختم ڪندي سرمو پائڻ جون سنتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي.

سرمو پائڻ جون سنتون ۽ آداب

 اچو! امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مدني گل“ سرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون: فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: سڀني سرمن مان بهتر سرمو اِثمِد آهي ڇو ته هي نگاهه کي روشن ڪندو ۽ پلڪون پيدا ڪندو آهي. (ابن ماجه، ج. 4، ص. 115، حديث 3497) ٭ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ جو حرج ناهي. ٭ سرمو سمهڻ وقت استعمال ڪرڻ سنت آهي. (مرآة المناجيح، ج. 6، ص. 180) ٭ سرمو استعمال ڪرڻ جا 3 منقول طريقن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرايون، (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ 3 ۽ کاٻي اک ۾ 2 ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ پوءِ آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي ئي واري واري سان اکين ۾ لڳايو. (شعب الايمان، ج. 5، ص. 218، حديث 6428) ٭ اهڙي طرح ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٽنهين تي عمل ٿيندو رهندو. ٭ ادب ۽ تعظيم جا جيترا به  ڪم آهن سڀ اسان جي پياري ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا آهن تنهن ڪري پهريان ساڄي اک ۾ سرمو لڳايو پوءِ کاٻي اک ۾.