Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

(فتاویٰ رضویہ، ۲۴/۴۵۲ تا ۴۵۵ ملخصاً)

      ياد رکو! جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن جي اصلاح جي ڪوشش نه ڪئي ۽ انهن کي نماز، روزي جو پابند نه بڻايو ته بروزِ قيامت جي رسوائي (Disgrace) سان گڏوگڏ دنياوي نقصان اهو ٿيندو ته اهي وڏا ٿي اسان جي ڳالھ نه مڃندا، اسان کي اکيون ڏيکاريندا ۽ روز روز اسان جي پريشانين ۾ واڌاري جو سبب ٿيندا رهندا پر ان وقت پڇتائڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ نه ورندو۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

تلاوتِ قرآن جو جذبو

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرونجهڙي طرح سَيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪثرتِ عبادت جو ذوق ۽ شوق هو ۽ ڪثرت سان نفل ادا ڪرڻ جو شوق هو، اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو به تمام گھڻو شوق هو، اچو! سندن جي ڪثرت سان تلاوتِ قرآن بابت ٻڌون ٿيون:

حضرتِ سَيدنا اِمام شَعبي رَحْمَة الله عَلَيه فرمائن ٿا:رَاَيتُ الْحُسَينَ يتَخَتَّمُ فِي شَهْرِ رَمْضَان يعني مون ڏٺو ته سيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه رَمَضانُ المُبارڪ ۾ مڪمل قرآنِ مجيد ختم ڪندا هئا۔ (سير اعلام النبلا ء،الحسين بن علي،۴/۴۱۰)

قرآن جا باعمل عالِم

    حضرتِ سَيدُنا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه قرآن جا عالمِ باعمل، تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا پيڪر، خوفِ خُدا رکڻ وارا ۽ گھڻي سخاوت ڪندڙ هئا۔(شہادت نواسہ  سید الابرار،ص۴۷۳ملخصاً)

تلاوتِ قرآن ۽ نماز سان محبت

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرونسَيدُنا امامِ حسين جي قرآن ڪريم ۽ نمازن سان محبت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته 9مُحَرَّمُ الحَرام جو جڏهن