Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

ٿيندو۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

صدقو ۽ خيرات

      پياريون پياريون اسلامي ڀينروناسان سَيدنا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادات جا واقعا ٻڌي رهيون هيون سين، جهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرا ئض ۽ واجبات جا پابند هجڻ سان گڏوگڏ ڪثرت سان نفل نمازون ادا ڪندا هئا، اهڙي طرح پاڻ ڪثرت سان نفل صدقو ۽ خيرات به ڪندا هئا، غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندا هئا ڇوته اهو سندن جي خانداني وراثت هئي۔ پاڻ اهلِ بيت جي سخي گھراڻي جا چشم وچراغ (Son) هئا، ان ڪري سخاوت ۽ راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ ۾ پڻ ڪنهن کان پوئتي نه رهندا هئا سندن جي ذات ۾ صَدَقي ۽ خَيرات جو جذبو پڻ ايتري قدر ڀريل هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ضرورتن کي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت تي قُربان ڪري ڇڏيندا هئا۔

      اچو! سندن جي صدقي ۽ خيرات ڪرڻ جي باري ۾ هڪ واقعو ٻڌون ٿيون: جيئن

ڪريم هجي ته اهڙو

      هڪ ڀيري هڪ شخص حضرت سيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي پنهنجي تنگدستي ۽ فقر ۽  فاقي جي شڪايت ڪئي، پاڻ فرمايائون: ڪجھ دير ويهي رهو! اسان جو وظيفو اچڻ وارو آهي، جيئن ئي وظيفو پهچندو اسان اوهان کي رخصت ڪنداسين۔ اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي ته حضرت سيدنا اميرِ معاويهرَضِىَ اللهُ عَنْه جي طرفان هڪ هڪ هزار(1000) دِينار جون پنج (5) ٿيلهون سندن جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويون۔ قاصد عرض ڪيو: سَيدُنا اميرِمعاويهرَضِىَ اللهُ عَنْه معذرت ڪئي آهي ته اها ٿورڙي رقم آهي، ان کي قبول