Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

لڙائي جھيڙا عام ٿي ويا آهن، هر هڪ رِزق ۾ بي برڪتي جي ڪري پريشان (Worried) آهي، ڪٿي والدين پنهنجي نافرمان اولاد کان بيزار آهن، ته ڪٿي ڀاءُ ڀاءُ يا ڀيڻ ڀيڻ جي وچ ۾ رنجشون پيدا ٿي رهيون آهن۔

ٻارن جي سٺي تربيت ڪريو

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرونشايد ان جو سبب اهو ئي آهي ته اسان الله پاڪ ۽ رسول اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي عمل ڇڏي ڏينهن رات نافرماني وارن ڪمن ۾ مشغول ٿي ويون آهيون، نه صرف پاڻ نمازن کان پري ٿيون سين بلڪ اسان جا ٻار ۽ گھر وارا به نمازن کان پري ٿينديون پيون وڃن ۽ اسان پنهنجي ٻارن جي چڱي تربيت نٿون ڪيون، انهن کي نمازن جو ذهن به نٿون ڏيون، جڏهن ته اسان کي ٻارن جي چڱي تربيت ڪرڻ گھرجي ۽ ننڍپڻ کان ئي انهن کي نمازن جو ذهن ڏيڻ گھرجي۔

      ياد رکو! جيڪڏهن ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي ناجائز ۽ حرام ڪمن کان بچائي انهن جي سٺي تربيت تي توجھ ڏني وڃي ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي انهن جو مقدر ٿيندي، جيئن سَيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ننڍپڻ ۾ سٺي تربيت جي برڪت سان پاڻ بيشمار سٺين وصفن سان مزين ٿيا، تنهنڪري والدين تي لازم آهي ته ٻارن جي سٺي تربيت ڪن نه ته سڀاڻي بروزِ قيامت انهن جي باري ۾ پڇيو ويندو، جيئن ته

      حضرتِ سيدنا عبدالله بن عمررَضِىَ اللهُ عَنْهما هڪ شخص کي فرمايو: پنهنجي ٻار جي سٺي تربيت ڪريو ڇوته توهان کان توهان جي اولاد جي باري ۾ پڇيو ويندو ته توهان ان جي ڪهڙي تربيت ڪئي ۽ توهان ان کي ڇا سيکاريو۔ (شعب الايمان،باب في حقوق الاولاد والاھلين، ۶/۴۰۰،حديث: ۸۶۶۲)

      والدين تي اولاد جي جيڪي حق اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنَّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رحمة الله عليه بيان فرمايا آهن، انهن مان ڪجھ حق پيشِ خدمت