Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

امامِ حُسين جي عبادت

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت ِطيبه جي روشن پهلوئن مان معلوم ٿيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه هر وصف ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، پر اهي اوصاف پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پنهنجي ئي گھر مان تربيت جي صورت ۾ مليا هئا ڇوته ٻار جي تربيت جو سڀ کان پهريون مڪتب (اسڪول) ان جو گھر هوندو آهي، ٻار جا سڀ کان پهريان اُستاد والدين هوندا آهن ۽ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه جو گھراڻو وحي ۽ الهام جو مرڪز ۽ علم ۽ عرفان جو چشمو هو، کين جو گھراڻو رشڪِ ڪائنات ۽ مرڪزِ تجليات هو، سندن جو گھراڻو عبادت ۽ رياضت ۽ سخاوت جو مرڪز هو، امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو گھراڻو زُهد ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاري جو سر چشمو هو، اوهان جو گھراڻو غريبن جي حاجت روائي ۽ غم جي ماريل جو سهارو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ته ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو بابرڪت نوراني ۽ روحاني ماحول ميسر آيو جو ٻنهي جھانن جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مَدَني سرڪارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هنج مان تربيت ملي، حضور نبيءِ رحمت، شفيعِ اُمّتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خاص فيضان مليو، اهو ئي سبب هو جو حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعلم ۽ فضل ۾ بي مثل هئا، حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ايثار ۽ توڪل جا پيڪر هئا، حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهشجاعت ۽ بهادري ۾ بي مثال هئا، حضرتِ امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا مالڪ هئا، حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهصدقي ۽ خيرات جا بي مثال نمونا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْههر حال ۾ صبر ۽ شڪر جا عادي هئا، حضرتِ امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعبادت ۽  رِياضت جا پيڪر هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه فرضن جي ادائيگي سان گڏوگڏ نفل عبادت ۽ ڪثرت سان