Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

فرمائي غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو۔

      حضرت سَيدُناامامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه سڄي رقم ان غريب ماڻهو جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ان کان معذرت فرمائي ته اوهان کي انتظار ڪرڻو پيو۔ (کشف المحجوب ، باب فی ذکر آئمتہم من اہل البیت، ص۷۷ )

بھو کے رہتے تھے  خود  اَوروں کو کھلا  دیتے تھے

کیسے صابر تھے محمد کے گھرانے والے

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون بيان ڪيل واقعي مان ٻه نڪتا حاصل ٿيا۔

   هڪ ته اهو حضرت سَيدُنا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۽ غريبن، تنگدستن، محتاجن ۽ حاجت مندن جي مدد ڪرڻ جا عادي هئا جيئن هينئر اسان ٻڌو ته سڄي رقم يڪدم ان غريب ۽ محتاج کي عطا ڪري ڇڏي، پر افسوس اڄڪلھ اسان بخل ڪنديون آهن ۽ صَدَقو ۽ خَيرات ڪرڻ جي معاملي ۾ سُستي ڪنديون آهيون، جيڪڏهن ڪا حاجت مند اسلامي ڀيڻ اچي به وڃي ته ڪوڙ جو سهارو وٺندي ان جي مدد ناهيون ڪنديون ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي توفيق ملي به وڃي ته حُبِّ جاه ۽ ريا ڪاري جي آفت ۾ مبتلا ٿي وينديون آهيون۔

      ياد رکو! صَدَقو ۽ خَيرات ڪرڻ سان بظاهر ته مال ۾ ڪمي واقع ٿيندي آهي، پر حقيقت ۾ برڪت ئي برڪت ٿيندي آهي، جيئن ته

صدقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو

       اسان گناهگارن سان محبت ڪرڻ واري محبوب آقا، بيڪسن جي مدد گار آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَا نَقَصَ مَالٌ مِنْ صَدَقَة يعني صَدَقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو۔ ( معجم اوسط،من اسمه احمد،۱/۶۱۹،حديث: ۲۲۷۰)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد