Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

حشر میں کیا کیا مزے وارفتگی کے لُوں رَضا

لوٹ جاؤں پا کے وہ دامانِ عالی ہاتھ میں

                                                                 (حدائقِ بخشش،ص۱۰۴) 

مختصر وضاحت: اي رضا! ميدانِ حشر ۾ الله ۽ ان جا پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن پنهنجي عاشقن ۽ ديوانن تي فَضل ۽ ڪرَم فرمائي رهيا هوندا ته ان عالَم ۾ منهنجي بي خودي جو عالَم ڪهڙو هوندو؟ بس مان ته سرڪارِ والا تبار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامَن پڪڙي وٺندس۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرونثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

موقع جي مناسبت ۽ نوعيت جي اعتبار سان نيتين ۾ ڪمي بيشي ۽ تبديلي ڪري سگهجي ٿي.

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ جي بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽