Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

کي بخشي ڇڏيو، پڇيائين ڪهڙي سبب؟ ان چيو: هڪ ڀيري مان جبل تان پنهنجي لشڪر جي گھڻائي ڏسي خوش ٿي رهيو هيس ته مون تمنا ڪئي ڪاش! مان هن وقت ميدانِ ڪربلا ۾ هجان ها، جڏهن يزيدي لشڪر امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ ٻين اهلِ بيت تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيا هئا ته مان سندن جي ڪجھ خدمت ڪري سگھان ها۔ ته ربِّ ڪريم انهيء نيت جي ڪري منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي۔ (مدارج النبوت ،باب نهم ذڪر حقوق آنحضرت ،۱/۳۰۵ ملخصا)

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اها حقيقت آهي جيڪا اسلامي ڀيڻ پنهنجي دل ۾ محبتِ اهلِ بيت ۽ سَيدنا امامِ حُسين جي محبت کي آباد ڪندي آهي اها دنيا ۽ آخرت جي برڪتن مان حصو ماڻي وٺندي آهي ڇوته اهلِ بيتِ اطهار سان محبت ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن پياري پياري آقا، مديني واري مصطفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ، اهلِ بيتِ اطهار جي محبت دنيا ۽ آخرت جي بيشمار ڀلائين جو سرچشمو آهي۔ ايستائين جو اهلِ بيتِ اطهار جي محبت شفاعتِ مصطَفٰي حاصل ٿيڻ جو ذريعو آهي، جيئن مُصطَفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيڪو  وَسيلو حاصل ڪرڻ چاهي  ۽ اهو چاهي ٿو ته منهنجي بارگاھ ۾ ان جي ڪا خدمت ٿئي، جنهن جي ڪري مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪيان، ان کي گھرجي ته منهنجي اهلِ بيت جي خدمت ڪري ۽ انهن کي خُوش ڪري۔ (برڪاتِ آل رسول،ص ۱۱۰)

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به گھرجي ته اهلِ بيتِ اطهار ۽ خاص ڪري سَيدنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه سندن جي سيرتِ طيبه جي روشن پهلوئن تي عمل ڪريون، هنن مقدّس هستين جو نهايت اَدب ۽ اِحترام ڪريون، حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  حضراتِ حسنينِ ڪريمين کان بي پناھ محبت فرمائيندا هئا، جيئن