Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

ھر مبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي وٺي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

امام حسين جي عبادت

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                         وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

 

دُرُود شريف جي فضيلت

   نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: قِيامَت جي ڏينهن ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ منهنجي ويجھو اهو شخص هوندو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ مون تي دُرُود شريف پڙھندو هوندو۔

)ترمذي،ابواب الوتر،باب ماجاء في فضل الصلاة...الخ، ۲/۲۷ ،حديث:۴۸۴(

حڪيمُ الاُمّت مفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: قِيامَت ۾ سڀ کان وڌيڪ آرام ۾ اهو هوندو، جيڪو حُضُور(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) سان گڏ رهندو ۽ حُضُور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي همراهي نصيب ٿيڻ جو ذريعو دُرُود شريف جي ڪثرت آهي۔ هن مان مَعلُوم ٿيو ته دُرُود شريف بهترين نيڪي آهي، ڇوته تمام نيڪين سان جَنّت ملندي آهي ۽ هن سان بَزمِ جَنّت جا گھوٽ (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ملن ٿا۔ (مرآة المناجيح، ۲/۱۰۰) انهيء ڪري ته منهنجا آقا اعلي حضرت، امام اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا۔