Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

ٻيو نڪتو

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرونسيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي واقعات مان اسان کي اهو به مدني گل مليو ته سَيدُنا امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، تڏهن ته ٿورڙي دير ٿيڻ تي ان شخص کان معافي گھريائون، جڏهن ته معافي گھرڻ ضروري نه هو، پر پوءِ به معافي گھري،  جيڪڏهن اسان پنهنجي حالت تي غور ڪريون ته عاجزي ۽ اِنڪساري ته پري جي ڳالھ، اسان غلطيون (Mistakes) ڪرڻ جي باوجود به معافي ناهيون گهرنديون ۽ هٺ ڌرمي ڪندي اهو چوندي ٻڌيون وينديون آهيون ته جيڪا اسان سان جھيڙو ڪندي اسان ان کي نه ڇڏينديون سين، جيڪا اسان کي هڪ ڳالھ ٻڌائيندي، اسان ان کي ڏھ ٻڌائينديون سين، جيڪا اسان کي تڪليف پهچائيندي اسان ان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏينديون سين، جڏهن ته اسان جا بزرگانِ دِينرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين ته بدتميزي ڪرڻ وارن سان به حُسن اَخلاق سان پيش ايندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته غلطي نه هئڻ جي باوجود به معافي گھري وٺندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته گاريون ڏيڻ وارن کي به دعائون ڏيندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته دل آزاري ڪرڻ وارن سان به عفو درگذر سان ڪم وٺندا هئا، هڪ اسان آهيون جو اسلامي ڀينرن جون دل آزاريون ڪنديون آهيون، ڄاڻي واڻي ماڻهن کي تڪليفون ڏينديون آهيون، اسان ماڻهن جون غيبتون ڪنديون آهيون، اسان ناحق ٻين جون شيون ڦٻائي وٺنديون آهيون، اسان کل مذاق ڪرڻ وارن کي گاريون ڏينديون آهيون، اسان ماڻهن کان بدلو وٺڻ جو موقعو ڳولينديون آهيون، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته انهن بُرين عادتن کي ڇڏي ڪري پنهنجي اسلاف جي نقشِ قدم تي هلندي، عَفو ۽ درگزر، حِلم ۽ بردباري، تحمل مزاجي ۽ عاجزي ۽ انڪساري جي عادتن کي اپنايون، ڇوته عاجزي ۽ انڪساري واريون عادتون رکڻ وارين کي بيشمار فائدا حاصل ٿين ٿا جڏهن ته تڪبُّر ۽ ڳالھ ڳالھ تي جھيڙو جھٽو ڪرڻ  جي لاءِ تيار ٿيڻ وارين کان نفرت ڪئي ويندي آهي۔ جئين ته

عاجزي اختيار ڪريو